21 جمعو , سيپٽمبر 2018

واهه سوشل ميڊيا تنهنجو ڪمال، شاهه رخ خان ڪينسر ۾ مبتلا مداح سان ملندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڪينسر جي مريضا ”ارونا پي ڪي“ لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ان ارونا جي جلد صحتيابي جي دعا سان گڏ ان سان گهڻو جلد ملڻ جو واعدو به ڪيو آهي. شاهه رخ جا چاهيندڙ دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن جن جي دل ۾ پنهنجي پسنديدا اسٽار سان ملڻ جي خواهش به آهي پر تمام گهٽ ماڻهو ان سان ملي سگهندا آهن، پر ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ڀارت جي رهواسي ”ارونا پي ڪي“ جي اها خواهش تمام جلد پوري ٿيڻ واري آهي. موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي ڪجهه به ناممڪن ناهي. ڪينسر جي مريضا ”ارونا“ جو آواز به سوشل ميڊيا ذريعي شاهه رخ خان تائين پهچي چڪو آهي. ڀارت جي رهواسي ارونا گذريل 6 سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي، خطرناڪ مرض ۾ مبتلا هئڻ باوجود ان ۾ زندگي جيئڻ جي خواهش اڃا باقي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ هوءَ شاهه رخ خان جي تمام وڏي مداح آهي ۽ زندگي ۾ صرف هڪ ڀيرو شاهه رخ سان ملڻ چاهي ٿي. هلندڙ سال مارچ ۾ ارونا هڪ ٽوئٽ ڪيو هو جنهن ۾ ان شاهه رخ سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته مان گريجوئيٽ ڊاڪٽر آهيان منهنجا دوست ۽ خاندان جا ماڻهو مونسان گڏ آهن پر منهنجي سڀ کان وڏي طاقت شاهه رخ خان آهي ۽ اهو اها ڳالهه ڄاڻي به نٿو. ارونا جو اهو وڊيو ڏسي ڪنگ خان ان لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪندي ان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ ساڻس جلد ملڻ جو واعدو به ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے