24 جمعہ , نومبر 2017

زرين خان فلمن ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارتي نجي ٽي وي تي ڪم ڪندي

ممبئي(اسپورٽس نيوز) نالي واري بالي ووڊ اداڪارا زرين خان فلمن ۾ لاڳيتو ناڪامي کانپوءِ ٽي وي تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اداڪارا گهڻو جلد ڀارتي ٽي وي جي نئين هارر شو ۾ نظر ايندي. سال 2010ع ۾ فلم ”وير“ ذريعي فلمن ۾ انٽري ڏيڻ واري اداڪارا زرين خان کي بالي ووڊ ۾ دبنگ اداڪار سلمان خان متعارف ڪرايو. فلم ”وير“ کانپوءِ زرين خان کي بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينا ڪيف سان مشابهت سبب به مقبوليت حاصل ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان وقت سلمان ۽ ڪترينا وچ ۾ لاڳاپا ڳنڀير هئا ۽ سلو ميان زرين خان کي ڪترينا ڪيف جي مقابلي ۾ ئي بالي ووڊ ۾ متعارف ڪرايو هو. پر فلم ”وير“ باڪس آفيس تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ان کانسواءِ زرين خان کي ان جي گهڻي وزن سبب به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. فلم ”وير“ رليز ٿيڻ کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين زرين فلمن ۾ نظر نه آئي، فلمساز ان جي وڌندڙ وزن سبب ان کي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا ۽ چيو وڃڻ لڳو ته زرين جو ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي. پر 2012ع ۾ ان ”هائوس فل 2“ ذريعي بالي ووڊ ۾ واپسي ڪئي، ان کانپوءِ زرين 2015ع ۾ فلم ”هيٽ اسٽوري 3“ ۾ نظر آئي پر فلم ۾ بولڊ منظرن جي عڪسبندي سبب ان تي سخت تنقيد ڪئي وئي. فلم ”هائوس فل 2“ کان سواءِ زرين خان کي ٻيو ڪوبه پراجيڪٽ خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. فلمن ۾ لاڳيتو ناڪامي سبب زرين خان ٽي وي تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق زرين ڀارتي چينل اسٽار پلس تان شروع ٿيندڙ نئين هارر شو ذريعي ٽي وي تي ڊيبيو ڪري رهي آهي. اسٽار پلس جي مقبول ترين ٽي وي سيريل ”عشق باز“ جي پروڊيوس گل خان زرين خان جو نئون شو پروڊيوس ڪندو. شو جي ٻي ڪاسٽ بابت في الحال ڪابه ڄاڻ اڳيان ناهي آئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محنت انسان جي تقدير ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي: مهرين سيد

لاهور (شوبز نيوز) مشهور خوبصورت پاڪستاني ماڊل مهرين سيد چيو آهي ته محنت انسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے