19 پیر , فروری 2018

ڪترينا ڪيف ۽ شاهد ڪپور پهريون ڀيرو فلم ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف پهريون ڀيرو هدايتڪار شري نارائڻ سنگهه جي فلم ”بتي گل ميٽر چالو“ ۾ گڏ جلوا ڏيکاريندا. شاهد ڪپور جي فلم ”پدماوتي“ هن وقت تائين رليز نه ٿي سگهي آهي پر ان فلم رليز کان پهريان ئي فلم نگري ۾ ان جي ڊمانڊ وڌيڪ وڌائي ڇڏي آهي. ناليواري فلمساز شري نارائن سنگهه پنهنجي نئين فلم ۾ شاهد ڪپور کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جنهن کي ان قبول ڪري ورتو آهي. فلم ۾ شاهد ڪپور جي مدمقابل اداڪارا ڪترينا ڪيف کي مُک ڪردار جي آڇ ڪئي هئي جنهن تي اداڪارا به ها ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو پهريون موقعو هوندو جڏهن ٻنهي اداڪارن جي جوڙي ڪنهن به فلم ۾ پهريون ڀيرو نظر ايندي. ٻنهي اداڪارن جي جوڙي جي گڏ پهرين فلم جو هدايتڪار شرينارائن سنگهه فلم ڊائريڪٽ ڪندو جڏهن ته فلم جي شوٽنگ جلد شروع ڪئي ويندي. اداڪار شاهد ڪپور به ڏياري جي موقعي تي پنهنجي ٽوئٽ تي مداحن سان نئين ايندڙ فلم جو نالو شيئر ڪيو ۽ ان جي نئين فلم جو ٽائٽل ”بتي گل ميٽر چالو“ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتفاق سان ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو باڪمال هوندا آهن: ريجا علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ريجا علي چيو آهي ته سمورن شعبن ۾ اهڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے