24 جمعہ , نومبر 2017

ايليڪس جي بهترين بيٽنگ، ڪينگروز جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ کي سخت مقابلي کان پوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. برسبين ۾ پهرين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي انگلش وومين ٽيم  مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ونفيلنڊ 48، اسڪِور 36، ٽيلر 34، ولسن 26 ۽ بي مونٽ 24 رنسون ٺاهي اڳڀريون رهيون. جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف 49.1 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ايليڪس بليڪ ويل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 67 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، اهڙي ڪارڪردگي عيوض کيس ميچ جي بهترين رانديگرياڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انوراگ ٺاڪر ميچ فڪسنگ جا پوريل لاش کوٽڻ لڳو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) بي سي سي آءِ جو اڳوڻي صدر انوراگ فڪسنگ جا پوريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے