24 آچر , جون 2018

جنيد خان ون ڊي وڪيٽن جي سينچري کان 3  ِوکون پوئتي

شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين ليفٽ آرم فاسٽ بالر جنيد خان کي ون ڊي فارميٽ ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن وڪيٽن جي ضرورت آهي، امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته هو سريلنڪا خلاف اڄ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، جيڪڏهن جنيد خان اڄ شارجا ۾ شيڊيول ون ڊي ميچ ۾ 3 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هو ون ڊي ميچن ۾ 100 وڪيٽون حاصل ڪندڙ 20هون پاڪستاني بالر بڻجي ويندو. پاڪستان طرفان ون ڊي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز وسيم اڪرم کي حاصل آهي، جنهن 502 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

روسي ناريون فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ آيل تيونسي نوجوانن جي عشق ۾ انڌيون ٿي ويون: تيونسي سفير جي دعويٰ

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس ۾ مقرر تيونس جي سفير محمد علي الشيحي دعويٰ ڪئي آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے