24 جمعہ , نومبر 2017

هاڪي ايشيا ڪپ: گرين شرٽس ڪوريا کي هارائي ٽين پوزيشن ماڻي ورتي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪوريا کي شڪست ڏئي ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي مولانا ڀاشاني هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٽين پوزيشن لاءِ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم ڪوريا کي ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي ٽامي جو ٻلو کٽي ورتو آهي. ميچ جي شروعات کان وٺي پاڪستاني رانديگرن جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ پهرين ڪوارٽر جي 10هين منٽ ۾ اعجاز احمد گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري ڇڏي. 20هين منٽ ۾ ڪوريائي رانديگر سنگ هوچو گول ڪري اسڪور برابر ڪيو پر 26هين منٽ ۾ پاڪستان طرفان راشد محمود گول ڪري ٽيم کي وري سرسي ڏياري ڇڏي. ميچ جي 30هين منٽ ۾ اعجاز احمد وري گول ڪري اسڪور 1-3 تائين پهچائي ڇڏيو، 32هين منٽ ۾ ابو محمود پاڪستان طرفان چوٿون گول ڪيو. پاڪستان طرفان 36هين منٽ ۾ اعجاز احمد مجموعي طور پنجون گول ڪري پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي، جڏهن ته قومي ٽيم طرفان آخري گول محمد يعقوب اسڪور ڪيو. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم گذريل ڏينهن ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انوراگ ٺاڪر ميچ فڪسنگ جا پوريل لاش کوٽڻ لڳو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) بي سي سي آءِ جو اڳوڻي صدر انوراگ فڪسنگ جا پوريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے