24 جمعہ , نومبر 2017

هاڻ ”گو زرداري گو“ ٿيڻ وارو آهي: عارف علوي

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سنڌ جي صوبائي صدر عارف علوي چيو آهي ته هاڻ گو زرداري گو ٿيڻ وارو آهي، سنڌ مان چورن ۽ ڦورن جو خاتمو آڻي ساهه پٽينداسين. سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عارف علوي جو چوڻ هو ته عمران خان جن مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريندو آهي ته اهي حل ڪرڻ کانپوءِ ئي سڪون سان ويهندو آهي، ڌانڌلي جي معاملي تي 4 ڏينهن ڌرڻو ڏيڻو هو پر 126 ڏينهن ويٺا رهياسين، رڳو اهو ئي نه پر پاناما مسئلي کي به پنهنجي انجام تائين پهچايو سين، هاڻ سنڌ کي ڪرپٽ حڪمرانن مان آجو ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام بنيادي حقن کان محروم آهي، هتي ته پيئڻ جو صاف پاڻي به عوام کي نٿو ملي، ماڻهو هاڻ روايتي سياست کان تنگ اچي تبديلي چاهين ٿا ۽ سنڌ ۾ تبديلي رڳو عمران خان ئي آڻي سگهي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے