18 سومر , جون 2018

فاروق ستار پنهنجي ناڪامين، نااهلي ۽ ڪرپشن تي پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري: پي ايس پي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي ترجمان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ۽ ٻين اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي ناڪامين، نااهلي ۽ ڪرپشن تي پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي پارٽي تي ڌيان ڏئي، جيڪا تيزي سان زوال جو شڪار ٿي رهي آهي، پنهنجي ناڪامين، پارٽي ۾ انتشار ۽ مايوسي تي ضابطو نه آڻي سگهڻ کانپوءِ ٻين تي الزام مناسب ناهن. پاڪ سرزمين پارٽي عوام جي جذبن جي حقيقي ترجمان ۽ تيزي سان مقبول ٿيندڙ پارٽي آهي، بي بنياد الزامن سان ڪراچي جي شهرين جي اکين ۾ ڌوڙ نٿي وجهي سگهجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے