24 جمعہ , نومبر 2017

نواز شريف جي وڪيٽ ڪري پئي، هاڻي زرداري جو وارو آهي: عمران خان

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي، جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هر هر هڪ شئي سمجهائي رهيو هيس ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، جيتري غربت سنڌ ۾ ڏٺي ايتري پوري ملڪ ۾ ناهي، ڪرپشن ۽ زرداري هڪ ئي نالو آهن، اقتدار ۾ اچي ڦرلٽ ڪرڻ ڪرپشن هوندي آهي، هڪ سال ۾ چار هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي، ڪرپشن سبب هر شئي تي ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، هن چيو ته اسڪولن ۾ ڪلاس روم، ڊيڪس ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، ايف بي آر، نيب کي ٺيڪ ڪيو ته اسان وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو هوندو، ايف بي آر ۾ چوري سبب 32 سئو ارب رپين جو نقصان ٿيندو آهي، 21 سالن کان اٽي، لٽي، اجهي جي نالي تي ماڻهن کي دوکو ڏنو پيو وڃي، نواز شريف پنهنجي خاندان کي ايشين ٽائيگر بڻائي ڇڏيو، قوم کي قرضي ڪري ڇڏيو، اڄ هر پاڪستاني تي هڪ لک 20 هزار رپين جو قرض آهي، جڏهن مشرف ويو هيو ته هر پاڪستاني تي 35 هزار رپيا قرض هيو، ٻن ڌاڙيلن 9 سالن ۾ قرض 35 هزار مان هڪ لک 20 هزار تائين پهچائي ڇڏيو، عمران خان چيو ته پهرين قوم جو پئسو چوري ڪيو ويو پوءِ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهر اماڻيو ويو، نواز شريف جي وڪيٽ ڪري هاڻي زرداري جو وارو آهي، زرداري ۽ ان جي ڀيڻ مون تي هڪ هڪ ارب رپين جو هرجاڻو ڪيو آهي، مون زرداري ۽ ان جي ڀيڻ کي ڪرپٽ چيو ته مون تي هرجاڻو ڪيو ويو، عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي جي رپورٽ پبلڪ ڪئي وڃي، هن چيو ته عزير بلوچ جو چوڻ آهي ته عزير بلوچ جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي زرداري جي چوڻ تي قتل ڪيو، عزير چوي ٿو 14 شگر ملن تي قبضو ڪري زرداري کي سستن اگهن تي ڏياريون، زرداري جي ڪارنامن جو ڪتاب پيو آهي، زرداري ماڻهن کي قتل ڪرايو، مرتضيٰ ڀٽو جي فيملي چوي ٿي مرتضيٰ جو قتل زرداري ڪرايو، عزير بلوچ چوي ٿو هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو فريال ٽالپر کي ڏيندو رهيو آهي، ڇا پيپلز پارٽي کي اسان خيبر پختونخواهه ۾ جلسو ڪرڻ کان روڪيو آهي؟، بلاول جي لاءِ اسان جو اسٽيڊيم حاضر آهي، ماڻهو ناهن ته اسان پنهنجا ڪارڪن اماڻي ڇڏينداسين، پنجاب ۾ مون کي اشتهاري بڻايو ويو آهي، زرداري اقتدار ۾ اچي 19 شگر ملون بڻايون، پختونخواهه ۾ هڪ سياسي ڪيس ناهي بڻايو ويو، زرداري اقتدار ۾ اچي هڪ لک ايڪڙ زمين جو مالڪ بڻيو، زرداري جي پيرس، دبئي، نيويارڪ ۾ پراپرٽيز آهن، ننڍن هارين جو پاڻي بند ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هاري جو پاڻي بند ڪري ڇڏيون ته اهو ان لاءِ موت آهي، جڏهن سنڌ ۾ حڪومت ايندي ته پوليس ٺيڪ ڪري ڇڏيندس، هر ڪمزور طبقي سان گڏ بيهندس، زرداري کي ان وقت کان ڄاڻيندو آهيان، جڏهن بمبينو سينيما جي ٽڪيٽ بليڪ ڪندو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے