20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عوامي آواز: عورتن جا سماجي حق | پروگرام : سرتيون | ميزبان: حميده گهانگهرو، مهمان : انيس هارون

انيس هارون

قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب عورت غير محفوظ آهن، ڇرا هنيا پيا وڃن

ضيائي آمريت ۾ عورتن تي تشدد وڌيو: انساني حقن جي اڳواڻ

عورتون پنهنجي حفاظت لاءِ جوڊو ڪراٺا سکن: ع آ ٽي وي پرگرام سرتيون ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻ انيس هارون چيو آهي ته ترقي پذير ملڪن ۾ عورتن جا مسئلا ساڳيا آهن، اهي ريتن رواجن جون غلام آهن، هنن کي مذهبي ۽ سماجي روايتن هيٺ دٻايو ويو آهي، انهيءَ غلامين مان نڪرڻ لاءِ هنن وٽ صرف تعيلم جو هٿيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام سرتيون ۾ ميزبان حميده گهانگهرو سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ عورتن کي مارڪٽ جائز سمجهيو وڃي ٿو، شادي بابت هنن کان پڇيو ناهي ويندو، اسان وٽ فيملي پلاننگ جي ڪمي آهي، هڪ عورت ڏهه ٻار به ڄڻي ٿي جنهن سبب جوان عورت به پوڙهي لڳندي آهي، جڏهن معاشرن ۾ قانون جي عمل نٿو ٿئي ته عورتن کي ڇرا هڻن جهڙا واقعي ٿيندا آهن، ضياءَ الحق جي دور کان وٺي هتي عورتن مخالف قانون حدود آرڊينس دئيت قانون جهڙا قانون ٺاهيا ويا ملڪ ۾ ضياءِ جي دور کان تشدد جي شروعات ٿي، جنهن کانپوءِ عوام ۾ تشدد ڏسڻ ۽ سهڻ جي عادت ٿي وئي آهي،  هڪ دور ۾ ڪراچي ۾ ٻه ڀينرون ماريون ويون ته سڄي ڪراچي اٿي کڙي ٿي پر هاڻي ماڻهن جي مارجي وڃڻ تي به ڪنهن تي ڪو فرق نٿو پوي عورتن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، پر عورتن کي پاڻ کي به ڪجهه ڪرڻ گهرجي، هو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ته ڪو هٿيار کڻن يا جوڊو ڪراٺا سکن، تانيا خاصخيلي جي قتل کانپوءِ هن جون ٽي ڀينرن جي تعليم به تباهه ٿي وئي آهي، عورتون گهرن ۾ خوفزده ٿي ويهڻ بدران پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي لاءِ آواز اٿارن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز:فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪميپني داد لغاري جي انتظاميه جون ڪاڪرنن سان نا انصافيونم ورڪرن جو احتجاج

*- فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪمپني دادلغاري جي انتظاميه جي ورڪر دشمن ڪاررواين خلاف ورڪرن ۽  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے