24 جمعہ , نومبر 2017

ايم ڪيو ايم پاڪستان سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تان استعيفيٰ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ استعيفائون ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڏيڍ سال گذرڻ باوجود هو پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن تي ٻي پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته هاڻي فيصلي جي گهڙي اچي وئي آهي ۽ ڪجهه فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته شروع ۾ پارٽي ڇڏيندڙ شايد مرضي سان ويا، مٿن پنهنجي دعويٰ واپس وٺان ٿو، موجوده حالتن ۾ حڪمت عملي کان ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي وفاداري تبديل ڪرڻ جو سبب ناقابل فهم آهي. هن چيو ته هاڻي ڪو به اسيمبلي ميمبر  ٻڌائڻ کان سواءِ ڪنهن پارٽيءَ ۾ ويو ته هو سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے