24 جمعہ , نومبر 2017

سياسي مخالفتن جي سطح ۽ ان جي نتيجن جو اڀياس ڪرڻ بابت

ملڪ ۾ سياسي ۽ سماجي ميدان تي هڪ جنگ هلي رهي آهي جنهن ۾ اقتدار ڪنهن وٽ هجڻ گهرجي تي بحث هلي رهيو آهي. ان بحث جي ڪري سڄي ملڪ ۾ افواهه ساز فيڪٽريون پنهنجا پنهنجا ڪم به ڪري رهيون آهن ته نتيجي ۾ عوام ۾ ان جمهوري سسٽم خلاف هڪڙو تاءُ پڻ وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ عوام ان غيريقيني بدران هڪ مضبوط سرشتي جو حامي آهي. پر اهو ڪيئن هجي؟ واري سوال جو جواب هنن کي نه ٿو ملي جنهن ڪري هو نون ”آسرن“ ۽ ”آٿتن“ تي هلي رهيا آهن. ان وڏي بحث سان گڏ لاڳاپيل ڌرين جي پاران مختلف موقفن جي ڪري پڻ جمهوريت جي باري ۾ ڄڻ ته فرقي پرستي وڌي رهي آهي. هڪڙيون ڌريون هڪ خيال جون آهن ته ٻيون وري سرڪار جون قطعي مخالف آهن.

ناليواري وڪيل ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻ عاصمه جهانگير چيو آهي ته پاڪستان ۾ سويلين بالادستي لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي. سياسي نظام تي ڪنٽرول ۽ بالادستي جمهوري قوتن جي هجڻ گهرجي ۽ ان واسطي سمورن ماڻهن کي ڪوششُن ڪرڻيون پونديون. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني شاگردن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلڻ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوري نظام جي مضبوطي سان سياستدانن جي عزت وڌندي. هن چيو ته هر پارٽي ۾ اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو ڪم ڪندا آهن. هن چيو ته اقتدار مان وڃڻ کانپوءِ سياستدان راز فاش ڪرڻ جي ڌمڪي ٿا ڏين، خطاب ٻڌندڙ پاڪستاني شاگردن ۾ ملالا يوسفزئي به شامل هئي.

گذريل ڏينهن، اڳوڻي صدر ۽ پ پ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته نواز شريف تي سنگين الزام آهن کيس جلد گرفتار ڪيو وڃي. لاهور ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف سرچاءَ جا پيغام موڪلي رهيو آهي پر اسان رد ڪري ڇڏيا. هن چيو ته نواز شريف تي ته سپريم ڪورٽ ڪيس ٺاهيا،  اسان ته سيف الرحمان کي منهن ڏنو. هن چيو ته برابري جي بنياد تي احتساب ٿيڻ گهرجي. اهو وي آءِ پي نه هجڻ گهرجي.  زرداري چيو ته عوام ( مصر جي ) سِسلين مافيا بابت ضرور پڙهي. ٻئي پاسي، پ پ جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته ميان صاحب ڪيسن کي منهن ڏي، آصف علي زرداري ڪابه مدد نه ٿو ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پ پ ڇڏيندڙن کي جلد غلطيءَ جو احتساب ٿي ويندو. هن چيو ته نواز شريف کي شفاف ٽرائل جو موقعو ملڻ گهرجي، ميان صاحب وٽ وڪيل به آهي ۽ دليل به آهي. فرحت الله بابر چيو ته  نواز شريف جي ڪيس جو فيصلو 6 مهينن اندر ٿي ويندو.

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ميان نواز شريف ۽ ٻين تي داخل ٿيل چارج شيٽ سچائي تي ٻڌل آهي، نواز شريف کي گرفتار ڪيو وڃي. پارٽي جي سينٽرل ڪور ڪميٽي کي ويڊيو لنڪ خطاب ڪندي طاهر القادري جو چوڻ هو ته شهباز شريف ڪرپشن ۾ ملوث ۽ 14 بي گناهن جو قاتل آهي، ن ليگ ڪوڙو صدر مقرر ڪري اهو پيغام ڏنو ته سندن پارٽي ڪرپشن جي حامي آهي. هن چيو ته 14 بي گناهن جي قتل ۾ شهباز شريف کي به گرفتار ڪيو وڃي، هو قوم جو ڦورو آهي، کيس رعايت ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي هوندي.

ملڪ جي سياسي پارٽين کي جيڪي به موقف رکڻو آهي ان کان اڳ ان ڳالهه جو غور سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي ته سندن ان موقف جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي فائدو پوندو، سياست ترقي ڪندي ۽ سياسي ڪلچر وڌيڪ سگهارو ٿيندو. جيڪڏهن سندن اهڙي موقف جي ڪري، ملڪ جو ڀلو ٿو ٿئي ته ان پاسي وڌڻ گهرجي. پر جي نتيجا يڪسر ابتڙ ۽ مختلف نڪرن ٿا ته پوءِ سياسي پارٽين کي پنهنجي خيال توڙي راءِ ۽ موقف کي بنا دير بدلائڻ بابت سوچڻ گهرجي.

 

آچر 22 آڪٽوبر 2017ع، پهرين صفر المظفر 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاق جو مطلب سڀني وحدتن کي هڪ نظر سان ڏسڻ آهي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اجلاس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے