18 جمعرات , جنوری 2018

افغانستان ۾ وڌنڌڙ قتلام

ڪالهه افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پنجين ڏينهن هڪ نئين حملي ۾ افغانستان ۾ ٽريننگ ڪندڙ فوجي سيکڙاٽن تي حملي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا آهن. افغانستان جي بچاءَ واري وزير دولت وزيري چيو آهي ته ڪابل ۾ ٽريننگ ڪندڙ فوجين جي مني بس ملٽري اڪيڊمي کان ٻاهر کين سندن رهڻ واري علائقي ۾ ڇڏڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته مٿن اهو حملو ڪيو ويو. واضح رهي ته هي حملو ان وقت ٿيو آهي، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ ڪابل جي امامِ زمان مسجد تي ڪيل آپگهاتي حملي ۾ 55 کان وڌيڪ انساني حياتيون ضايع ٿيون هيون. ان کان اڳ افغانستان جي مختلف شهرن، مختلف فوجي ۽ پوليس يونٽن ۾ ٿيل دهشتگردين جي ڪري گذريل اکاري کان ڇنڇر تائين گهٽ ۾ گهٽ 200 ماڻهو مارجي ويا آهن. جن ۾ گهڻائي پوليس، فوج ۽ سيڪيورٽي عملدارن جي آهي.

افغانستان جنهن سان پاڪستان جي ٻن صوبن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جو سرحدون ملن ٿيون ۽ ٻنهي صوبن جي عوام سان سندن تاريخي ۽ سماجي رشتا رهندا آيا آهن، تنهن ۾ بدامني اصل ۾ پاڪستان لاءِ وڌنڌڙ چئلينج آهي. پاڪستان ۽ ان جي عوام کي پرامن افغانستان نه رڳو گهربل آهي پر اهڙو پرامن خطو ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ پڻ وڏي گهرج آهي.

افغانستان م دائمي امن آڻڻ لاءِ مقرر سيڪيورٽي دستن جو مسلسل قتل ٿيڻ ۽ طالبان پاران ان جي ذميداري قبولڻ جو مطلب هي پڻ نڪري سگهي ٿو ته افغانستان جي سيڪيورٽي کي ڪمزور ۽ نٻل ڪرڻ لاءِ هڪري نئين لهر شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا اتان جي عوام توڙي امن لاءِ مسلسل نقصان آڻي رهي آهي. اها حالت پاڪستان کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن ته جيئن پاڙيسري افغانستان پرامن ملڪ طور پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي.

آچر 22 آڪٽوبر 2017ع، پهرين صفر المظفر 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے