21 منگل , نومبر 2017

”جيڪو پوکبو اهو لُڻبو “جو اصول سڀني سياستدانن کي سمجهڻ کپي

آغا نور محمد  پٺاڻ

ڪجھه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ پاڪستان جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو شهيدن جي ياد ۾ وڏو جلسو ٿيو جنهن ۾ پارٽيءَ جي نوجوان شريڪ چيئرمين هميشه وانگر وڏيون ۽ سٺيون ڳالهيون ڪيون ۽ شهيدن جي ياد ۾ انهن جي وارثن سان گڏ لُڙڪ لاڙيا جيڪي هن سان گڏ اسٽيج تي ڪُرسين تي ويٺل هيا.

18 آڪٽوبر 2007ع ڪراچي جي هن سانحي ۾ ڪارساز جي هنڌ تي شهيد محترمه مٿان ٿيل قاتلانه حملي ۾ 150 کان مٿي  ماڻهو شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هيا، انهن کي ڀيٽا پيش ڪندي  اسانجي نوجوان سياسي اڳواڻ جيڪي ڳالهيون ڪيون، انهن ۾ اها ڀلي ڳالهه هئي ته سنڌ ۾ سڀ ٺيڪ نه آهي، اڃا ڪم ڪرڻو آهي ۽ هن پاڪستان ۾ اناڙي ۽ ڪرپٽ حڪومت مڙهڻ جي به ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته انشاءَالله انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي.

بلاول صاحب جو ن اهي ڳالهيون جڏهن سنڌ جو عام ووٽر ٻڌي ٿو ته ان کي حيرت ٿئي ٿي ته اهو سمورو منظر پنجاب ۽ وفاق کان وڌيڪ ته سنڌ ۾ به حاضر ۽ ناظر آهي. اهو سوال ڪڏهن پارٽي جي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان به پڇيو ويو آهي ته هو ڪارساز جي شهيدن سان ڪيتري واعدا وفائي ڪئي آهي؟ انهن جي علائقن ۾ ڪڏهن هنن اسپتالن ۽ اسڪولن جو دورو به ڪيو آهي؟  هن وفاق جي حڪمران پارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهي واعدا نٿا نڀائن، پاڪستان جي سالميت کي خطري ۾ وجھي پنهنجي ذاتي مفادن جي پورائي ڪن ٿا ۽ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ انتهاپسندن سان لهه وچڙ ڪن ٿا، هڪ شخص (محمد نواز شريف) کي بچائڻ لاءِ قانون ۾ تبديلي ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته پئسو ئي سڀني مسئلن جو حل آهي.

هن پارٽي جي  هڪ ٻئي سياستدان مولا بخش چانڊيي نواز شريف جي موجوده حالتن تي تبصرو ڪندي نهايت سچي ڳالهه ڪئي ته ”جيڪو پوکبو اهو لُڻبو“ پر ان اصول جي آئيني ۾ پنهنجي تصوير به ڏسڻ کپي. سنڌ جو ووٽر اها ڳالهه سمجهي ٿو ته اهو لُٽَ مار جو استحصالي نظام هتي به قائم آهي، انهن کان پڇا ڪير ڪندو؟ ڪارساز ۾ شهيد ٿيل ووٽرن جو تعلق اسانجي غريب طبقي  سان ئي هيو پر هن وقت تائين انهن جا قاتل 10 سالن جي حڪومت جي باوجود ڇو نه پڪڙيا ويا آهن؟ ڇا انهن ۾ به وفاق جي بيوفائي آهي يا اسانجي پنهنجي ڪوتاهي چئجي؟ هي سانحو انهن واقعن منجهان آهي جيڪي وسري ناهن سگھندا. فقط ڳوڙهن گاڙڻ سان عام ماڻهن جون همدرديون ته حاصل ڪري سگھجن ٿيون پر گذريل 9 سالن کان جاچ جي سئي اڃا تائين اتي بيٺل آهي. واضع رهي ته شهيد محترمه ڏيهه اچڻ کان اڳ ان وقت جي حڪمرانن کي خط به لکيو هيو جنهن ۾ هُن ڪجھه نالا به کنيا هيا پوءِ به ان خط جي بنياد تي انهن ماڻهن تي قدم ڇو نه کنيو ويو؟ عام ماڻهن جي ذهن ۾ ڪيترا سوال موجود آهن. فقط اهو چوڻ ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي. اهي هاڻي فقط نعرا رهجي ويا آهن باقي عام ماڻهو تعليم جون وڏيون ڊگريون رکڻ جي باوجود بيروزگار آهي. 2 ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم ۽ اسپتالون دوائن ۽ ڊاڪٽرن کان محروم ڇو آهن؟ بلاول صاحب ڪڏهن هڪ مريض جي صورت ۾ ڪنهن اسپتال جو به دورو ڪيو آهي؟ هڪ شاگرد جي صورت ۾ ڪنهن اسڪو ل جو درشن به ڪيو آهي؟ ته ڪيئن اتي سندس پارٽي جي حڪومت ۾ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري ربيع جي سيزن لاءِ 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي جي به ڳالهه ڪئي، جنهن جو سنڌ کي نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ دريا جي پڇڙيءَ ۾ آهي. اها ڳالهه به صحيح آهي پر سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جا انجنيئر ٻوڏ مهل به رشوت جي ڪري  پاڻي روڪيندا آهن ۽ رشوت جا حساب ڪتاب ان ڊپارٽمينٽ جا جڳ مشهور آهن، ڪڏهن انهن کان به ڪنهن پڇاڻو ڪيو آهي؟ هن ميان صاحب ۽ خان صاحب جي انهن بيانن تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ کي کنڊر چوڻ وارا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، سنڌ شاهه لطيف ۽ قلندر جي ڌرتي آهي اها ڪڏهن کنڊر نٿي بڻجي سگهي.  اسانجي نوجوان ليڊر جي انهن ڳالهين کي ٻڌي شڪارپور، سيوهڻ جا اُهي حادثا ياد آيا جن ۾ سنڌ کي کنڊر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شڪر آهي هن اهو چيو ته آئون اها دعويٰ نٿو ڪيان ته هتي سڀ ٺيڪ آهي، اڃا وڌيڪ ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪم ٿين پيا. هن ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئه ڪرڻ کي سنڌ جي خوشحالي جو سبب ڄاڻايو پر شايد هن کي اها خبر ناهي ته اسانجي روڊن ۽ رستن جي حالت اهڙي ڇو آهي جو روزانو وڏا ٽرئفڪ جا حادثا ٿي رهيا آهن ۽ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن.  بلاول صاحب نئين اسپتالن جي تعمير جو ذڪر ڪيو پر اڳ ۾ ئي قائم ڪيل اسپتالن ۾ غريبن جو علاج نٿو ٿئي، دوائون موجود نه آهن، ان ڳالهه جو به ته جواب ڏيو جو اوهان جي حڪومت اسپتالن کي خانگي اين.جي.اوز جي حوالي ڪري رهي آهي. هن ڪارساز جي ڪجھه شهيدن مقصود علي، الله بچايو، راشد ۽ حمزو وغيرو جا نالا کڻي کين سلام پيش ڪيو، پر اڄ تائين موجوده حڪومت ايم.آر.ڊي جي شهيدن کي وساري ڇڏيو آهي پر انهن جي ياد ۾  اسانجي دوست بدر ابڙي وڏو ڪم ڪيو هيو  ۽ انهي جي سهيڙيل مواد کي بنياد بڻائي ڪيئي ڪتاب مرتب ڪري سگھجن ٿا پر اسانجي سياسي ڀوتارن جي اوليتن ۾ اها ڳالهه شامل ڪونهي.

هن سال نومبر ۾ پ پ کي 50 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ هن پارٽي کي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي نمائنده پارٽي سمجهي نه فقط ووٽ ڏنو پر پنهنجا سِرَ به ڏنا پر هاڻي به هتي نه ضياءَ آهي ۽ نه مشرف، ان جي باوجود حڪومت جي اڳواڻن جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي.

اسانجي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه فرمايو ته 2018ع ۾ بلاول کي نوجوان وزير اعظم بڻائي رڪارڊ ٺاهينداسين. رڪارڊ ٺاهڻ  ۽ بڻائڻ جو شوق اسانکي هونءَ ئي گھڻو هوندو آهي پر ترقي بدران تنزل جا رڪارڊ گھڻا ٺهندا رهيا آهن. اها سنڌ جي ماڻهن جي به ساڳي خواهش آهي ته ائين ٿئي پر ان ڳالهه جو تعلق سائين جن ۽ ان جي وزيرن جي بهتر ڪارڪردگي سان تعلق رکي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجا ڪجھه وزير نهايت ئي صاف سٿري ڪردار وارا ۽ محنتي آهن، پر جيستائين گھٽين، ڳوٺن، محلن، آفيسن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي حالت بهتر نه ٿيندي تيستائين اها فقط خواهش ئي رهندي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه صحيح چيو ته پورهيتن ۽ هارين جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سياست ڪئي هئي، اسان ان جا پوئلڳ آهيون. اها ڳالهه جلسي ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ ته سٺي لڳي ٿي پر عمل ان جي اُبتڙ آهي. محترمه يا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست ۾ وڏيرن، پيرن، نوابن ۽ رئيسن کي اهو مقام حاصل نه هو، جيڪو هاڻي انهن کي اوهان جي حڪومت عطا ڪيو آهي، جو ڪو غريب ووٽر ته ڇا پر ڪو تعليم يافته استاد، ڊاڪٽر، شاگرد ۽ وڪيل انهن سان ڳالهائي به نٿو سگھي، پر پوءِ به سنڌ جا ماڻهو اوهان کان ڪنهن اعلان جا منتطر آهن ته اوهان انهن جي ڳوٺن، محلن، گھٽين، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ انهن سان ملڻ اچو ۽ انهن کان ڳالهيون پڇو، جيئن اوهان جو نانو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ والده محترمه عام ووٽرن سان ملڻ لاءِ ايندا هيا.

مونکي اهو وقت ياد آهي جڏهن اسانجي شڪارپور شهر جي محلي ڪِڙي نواب خان ۾ هڪ غريب پيپلز پارٽي جي ڪارڪُن ۽ پاڙي جي دڪاندار لالا برڪت  علي پٺاڻ جي پٽ ديدار خان جي حادثاتي وفات جو ٻڌي هن جي تعزيت لاءِ محترمه پاڻ هلي آئي هئي ۽ انهيءَ جي ئي هڪ مائٽ لالا لياقت کي شڪارپور جو ميونسپالٽي جو چيئرمين بڻايو هيو جنهنجو پڻ هڪ غريب ۽ متوسط گھراڻي سان تعلق آهي ۽ منهنجي هم ڪلاسي محمد بخش لاشاري جيڪو نهايت غريب طبقي سان تعلق رکندو هيو، ان کي ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ۽ بعد ۾ وزير به بڻايو، محترمه جي ان عمل سان پيپلز پارٽي ماڻهن جي دلين ۾ گھر ٺاهيا، پر هاڻي اها صورتحال نظر نٿي اچي، هاڻي فقط نعرا ۽ محترمه جون تصويرون باقي بچيون آهن. اسان درياءَ جي پڇڙيءَ تي ضرور آهيون پر ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين ۾ سنڌ جو  سمنڊ اسان وٽ آهي. اسان بلاول صاحب جي ان موقف سان متفق آهيون ته سنڌ ۾ اڃا سڀ ڪجھه ٺيڪ نه آهي. اچو ته ان کي ايماندار ۽ فعال قيادت کي اڳتي آڻي سنڌ جي سينڌ سنواريون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور روڊ حادثو ۽ ذميوار ڪير …؟

اڪبر بخاري دنيا جي وجود کان هن وقت تائين خوفناڪ ۽ دردن سان ڀريل واقعن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے