24 جمعہ , نومبر 2017

”سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سڌارن جي ضرورت“

نادر مغيري

تازو ئي مارڪيٽ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سڌارن جي ضرورت جي سري هيٺ هڪ اهڙو منفرد ڪتاب ڇپجي آيو آهي، جيڪو نج تحقيقي بنياد تي لکيو ويو آهي، اهڙي قسم جو جامع ڪتاب ان کان اڳ مارڪيٽ ۾ دستياب نه هو. ڄاڻايل ڪتاب نوجوان ليکڪ ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جو لکيل آهي، جيڪو سيپٽمبر 2017ع ۾ غلام مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي علمي نصابي ۽ ٻين سرگرمين بابت رايا، تبصرا ۽ تنقيدون ۽ صلاحون  شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪُل 34 مضمون شامل آهن، جڏهن ته ٻن حصن تي مشتمل تصويري  البم به شامل آهي. نثري حصي ۾ جن موضوعن وارا مضمون شامل آهن، انهن ۾: سنڌ جي يونيورسٽين جو انتظامي سرشتو ۽ تبديلي جي ضرورت، يونيورسٽي جي سڌارن جي تحريڪ ۽ جمهوري حڪومت جو رويو، سنڌ يونيورسٽي سان سرڪار جو سلوڪ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽين جي رينڪنگ ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون، سياسي پارٽين جي منشورن ۾ تعليمي سڌارن جا واعدا، سنڌ جي يونيورسٽين جي قانون جو ترميمي بل ۽ ادارن جي خودمختياري، يونيورسٽين سان منسلڪ ڪاليجن جي رينڪنگ جا معيار، وفاقي ادارن ۾ ننڍن صوبن جي متوازن نمائندگي جو حق، تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسمينٽ خلاف هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان ٺاهيل پاليسي جو جائزو، استادن جي مرتبي جي لاءِ يونيسڪو جون سفارشون ۽ سنڌ حڪومت جو رويو، يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو طريقو، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڊيڪيٽ کي فعال بڻائڻ جي ضرورت، سنڌي ٻوليءَ کي عملي طرح سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي طور ڪڏهن رائج ڪيو ويندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي متنازع يونيورسٽي رينڪنگ جا ڏهه سال، عالمي سطح تي استاد جو مڃيل رتبو ۽ سنڌ حڪومت جي تعليمي ايمرجنسي، نائلا رند جو پراسرار موت ۽ يونيورسٽي انتظاميه ۽ پوليس جون دانسته غلطيون، نورين جبار ڪيس جا ڪجهه اهم نقطا ۽ جاچ جا رُخ، پنجاب هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو جائزو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کي ڪجهه گذارشون جهڙا موضوع شامل آهن.

ظاهر آهي ته ڪتاب جو جيڪو نالو رکيو ويو آهي، انهيءَ حساب سان ڪتاب ۾ مواد به موجود آهي، سيد اظهر علي شاهه پنهنجي تجربي جي آڌار تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو وزندار ۽ وقتائتو آهي. ڪتاب ۾ يونيورسٽين جي تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري بابت جيڪي صلاحون ۽ تجويزون ڏنيون ويون آهن، اهي ڪافي اهميت رکندڙ آهن. جيڪڏهن سيد اظهر علي شاهه جي هن ڪتاب ۾ ڏنل تجويزن کي سامهون رکي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ تعليمي ۽ انتظامي ماحول بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان سان گڏوگڏ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران جيڪي تڪراري فيصلا ڪيا پيا وڃن، انهن تي به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جيڪڏهن وفاقي ادارو آهي ته پوءِ ان جون پاليسيون ملڪ جي چئني صوبن جي يونيورسٽين لاءِ هڪجهڙيون هئڻ گهرجن، جيڪي يقينن هڪ جهڙيون نه آهن، جنهن سبب مختلف وقتن تي مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آهن.

ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جهڙي تجربيڪار ۽ تعليمي ماهر ان سلسلي ۾ جيڪو محسوس ڪيو آهي، اهوئي لکيو آهي، جيڪڏهن پنجاب ۽ سنڌ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن الڳ الڳ پاليسيون جوڙيندي ته اهو ڪنهن به ريت ملڪ جي وحدانيت ۽ ايڪي لاءِ فائديمند نه ٿيندو. تنهن کانسواءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جهڙن وفاقي ادارن ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي هئڻ گهرجي. اها به صحيح معنيٰ ۾ نه پئي ڏني وڃي، جنهن ڪري هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا تڪراري ۽ هڪ طرفه فيصلا سامهون اچي رهيا آهن، جن سان مسئلا وڌي رهيا آهن ۽ ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته ننڍن صوبن جي يونيورسٽين کي نظرانداز ڪرڻ جو آخر جواز ڪهڙو آهي. ٻيو ته يونيسڪو پاران استادن جي مان ۽ مرتبي بابت جيڪي سفارشون جاري ڪيون ويون آهن. انهن تي به سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ صحيح طور تي عمل نه ٿي رهيو آهي. انهن تي عمل ٿيڻ سان سنڌ جي يونيورسٽين جي استادن ۽ ڪاليجن توڙي اسڪولن جي شاگردن کي به ڪجهه سهولتون ۽ فائدا حاصل ٿيندا. اهو سڀ تڏهن حاصل ٿي سگهندو، جڏهن صحيح معنيٰ ۾ يونيسڪو جي صلاحن، مشورن ۽ سفارشن تي عمل ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر اظهر علي شاهه پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”پنجن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان جي ڪابه حڪومت هزارين نوان سرڪاري تعليمي ادارا ٺاهڻ ته ٺهيو پر پهرين کان ٺهيل اسڪولن ۾ استاد، فرنيچر، ڪمپيوٽر، پاڻي، بجلي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون به ميسر نه ڪري سگهي آهي. نتيجي طور تي هزارين اسڪول بند پيا آهن ۽ استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن.“

هنڌ استاد جي اهميت بابت لکي ٿو ته ”سوال هي آهي ته سماج ۾ استاد جو قدر ۽ مرتبو ڇا هئڻ گهرجي؟. استادن جا ڪهڙا حق ۽ ڪهڙيون ذميواريون هئڻ گهرجن؟ استاد جي مقرري، ملازمت، تعليم ۽ تربيت جا معيار ڪهڙا هئڻ گهرجن. مختلف ملڪن، سماجن ۽ معاشرن ۾ انهن سوالن جا جواب مختلف ٿي سگهن ٿا.“  تنهن کان سواءِ ليکڪ يونيورسٽين ۾ پيش ايندڙ واقعن نائلا رند واري واقعي ۽ نورين جبار لغاري واري واقعي تي به چٽي نموني سان پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر اظهر شاهه جو موقف آهي ته ”يونيورسٽين اندر اهڙي قسم جا واقعا رونما ٿيڻ نه گهرجن. جيڪڏهن اهڙي قسم جا واقعا ٿي به وڃن ٿا ته پوءِ انهن جي پوري  سچائي ۽ ايمانداري سان تحقيق ٿيڻ گهرجي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر اظهر علي شاهه سنڌ يونيورسٽي توڙي سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ تعليمي حوالي سان درد رکندڙ شخصيت آهي، کيس هر وقت جيڪا ڳالهه ستائيندي رهي ٿي، اها هي آهي ته سنڌ جي تعليم هر حوالي سان بهتر ٿئي، سنڌ يونيورسٽي ترقي ۽ خوشحالي جون نيون منزلون طئي ڪري، سنڌ يونيورسٽي سميت صوبي جي سمورين يونيورسٽين جو ماحول شاگرد ۽ ملازم دوست هجي. انهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ادارن جي سربراهن جو طرز عمل بادشاهن يا آمرن جهڙو نه پر ادارن جي حقيقي خدمتگاري واري هئڻ گهرجي.

سندس اندر ۾ اها لڇ پڇ پڻ آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسيلر آهي، ان جي خواب تحت هن عظيم اداري کي عالمي سطح تي عظيم مڃتا ڏيارجي، هن اداري جو مان مٿانهون ڪجي ۽ هتي اعليٰ تعليم سان گڏ تحقيق جي ڪلچر کي پروان چڙهائجي. طبيعت ۾ نهايت ماٺيڻو ۽ شين جي گهرائيءَ تائين پروڙ رکندڙ ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي هڪ خوبي اها به آهي ته سندس هر دور ۾ وي سيز اڳيان چٽو ۽ شيشي جهڙو شفاف موقف رهيو آهي، حالتون ڪهڙيون به ڇو نه هجن، هو پنهنجي موقف تان دستبردار ٿيڻ ڪڏهن به پسند نه ٿو ڪري.

بي خوف طبيعت ۽ پنهنجي ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ سگهارو آواز اٿاريندڙ اظهر علي شاهه جو رويو ٽيچرز، آفيسرس ۽ ملازمن سان هميشه شفقت ۽ پيار وارو رهيو آهي. هو هر ملازم، استاد يا وري آفيسر سان انتهائي پنهنجائپ ۽ احترام واري انداز ۾ پيش ايندو آهي. ڊاڪٽر اظهر شاهه سٺو استاد، بهترين محقق، پيارو دوست، خوش مزاج شخصيت جو مالڪ ۽ زبردست خوبيون هئڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ عالم آهي. مطالعي ۽ تحقيق سان چولي ۽ دامن وارو ساٿ هئڻ سبب سندس ڪتاب ۾ به سندس سوچ جي گهرائي ۽ ڀرپور اڀياس واضح نظر اچي رهيو آهي.

ڊاڪٽر اظهر جي ڪتاب جا 200 صفحا مضمونن تي مشتمل آهن جڏهن ته 32 صفحا يونيورسٽي جي استادن جي مسئلن جي لاءِ هلايل تحريڪ متعلق آهن. مجموعي طور تي هي ڪتاب 232 صفحن تي ٻڌل آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي انعام شيخ ليکڪ جو مختصر تعارف پيش ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ جي نقشي ۽ ڪتابن تي ٻڌل آهي. اُميد ته هي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو. منهنجي راءِ آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ رکيو وڃي، جيئن سنڌ جا استاد ۽ شاگرد به هن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن ڪتاب جي قيمت 500 سئو رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جي ارپن سنڌ جي تعليمي ماهر استاد ۽ مثالي وائيس چانسلر محترم علامه آءِ آءِ قاضي جي نانءُ ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل ڪتاب جو مهورت 19 آڪٽوبر تي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي ۾ واقع شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ڪيو ويو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينگزيمينڊر: تضادن جو انقلابي فڪر ڏيندڙ فلسفي

وقار  احمد راهمون اينگزيمينڊر ٿيليز بعد دنيا جو ٻيو وڏو آڳاٽو فلسفي، سڄي ڪائنات جي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے