24 جمعہ , نومبر 2017

پي ٽي آءِ جا سنڌ ۾ جلسا نه جلسيون ٿينديون آهن: ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا سنڌ ۾ جلسا نه جلسيون ٿينديون آهن، يوٽرن خان ڪرپشن جون ڳالهيون ڪندو آهي پر سندس پنهنجا وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن. سکر ۾ ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بدتميز خان سدائين تبديلي جي نالي تي ڳالهيون ڪيون پر سندس وزيرن جا هٿ ئي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن. سندس چوڻ هو ته ن ليگ وارا ٽوپي ڊراما ڪندا آهن، ڪيپٽن صفدر جي ايئرپورٽ تي گرفتاري ان جو حصو  آهي. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي پ پ جي قيادت کي اڳ ۾ گرفتاريون ۽ پوءِ ڪيس ملندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے