24 جمعہ , نومبر 2017

عوامي آواز رپورٽ : جيڪب آباد ۾ ڪارو ڪامڻ وبائي صورت ۾ ڦهلچڻ لڳو، ڳوٺن جا ڳوٺ متاثر

ڪارو ڪامڻ سنڌ ۾ هڪ وبا وانگر ڦهلجي رهيو آهي، ڪشمور کان وٺي کاري ڇاڻ تائين جر جي ڪوڙي ۽ زهريلي ٿين سبب ڪوبه اهڙو ڳوٺ ناهي جنهن ۾ ڪاري ڪامڻ، گردن ۽ چمڙيءَ جي بيماري جو ڪو مريض نه هُجي،

جيڪب آباد لڳ ڳوٺ نظر واهه جي ڳوٺن عبدالمجيد خان جعفري، جمال الدين جعفري ۽ باوٽ جعفريءَ ۾ سوين ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن،

پيش آهي آزاد جعفريءَ جي هيءَ رپورٽ………….

ڳوٺن عبدالمجيد خان جعفريءَ، جماالدين جعفري ۽ باوٽ جعفريءَ ۾ اٽڪل 200 سو کان مٿي ڳوٺاڻا جن ۾ ٻار ، ٻڌا ۽ عورتون شامل آهن ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن،

جن مان ويهن جي لڳ ڀڳ ڳوٺاڻا فوت ٿي چڪا آهن

فوت ٿيلن ۾ ڳوٺ جو چکو مڙس حاجي بوجن جعفري، جلال الدين جعفري، مٺل جعفري، عمر الدين جعفري ۽ باوٽ خان جعفري پڻ شامل آهن،

ڳوٺاڻن وس وارن، پ پ  جي اسميبلي ميمبرن ۽ ضلعي انتظاميه کي ڪيئي اپيلون ڪيون آهن پر ان جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي

نه ئي پ پ  جو ڪو اڳواڻ وٽن آيو آهي، سواءِ غلام شبير چانڊيو جي جيڪو به فوتگيءَ تي تعزيت لاءِ آيو،

چونڊيل نمائندن جي اهڙي بي حسيءَ تي ڳوٺاڻا تمام گهڻو مايوس آهن ۽ هو سڄيون راتيون انهيءَ خوف ۾ گذارين ٿا ته سڀاڻي ڪنهن جو جنازو کڻنداسين.،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: سياري جي موسم ايندي ئي پرديسي پکي لاڙ ۽ ٿر پهچي ويندا آهن | پروگرام : سنڌ نگر | ميزبان: حنيف ساگر، ٽيلي فون لائن تي: رازق ڏنو، مرتضٰي ڪلهوڙو، عبدالرزاق راجپوت

رازق ڏنو بدين  سياري جي موسم ايندي ئي پرديسي پکي لاڙ ۽ ٿر پهچي ويندا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے