24 جمعہ , نومبر 2017

ن ليگ جا حصا وکريل نظر اچي رهيا آهن: شفقت محمود

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته مسلم ليگ ن جا حصا وکريل نظر اچي رهيا آهن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته حڪمران پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا رويا تبديل نظر پيا اچن، نواز شريف جي قيادت تي رياض پيرزادا عدم اعتماد ڪري چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف خلاف ماڊل ٽائون ۾ 14 ماڻهن جي قتل جو ڪيس آهي، حديبيا پيپر ملز ڪيس ۾ به شهباز شريف جو نالو آهي، سندس ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، وڏا منصوبا مال ڪمائڻ لاءِ آهن. هن چيو ته مريم نواز صاحبا فرمائي ٿي ته اها ڊڪٽيٽر شپ آهي پر وفاق ۾ مسلم ليگ ۽ پنجاب ۾ سندس چاچي شهباز شريف جي حڪومت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے