24 ہفتہ , فروری 2018

سفير تي حملي جو کُٽڪو، چين جي پاڪستان کي ڪارروائي جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني پنهنجي سفير تي حملي جو کُٽڪو ظاهر ڪندي گهرو وزارت کان مدد گهري ورتي آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني انٽيليجنس اطلاعن تي پنهنجي سفير تي حملي جو کٽڪو ظاهر ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت کي خاص خط به موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين کي چيني سفير جي حفاظت لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته چيني سفير تي حملي لاءِ دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن جو واسطو اي ٽي آءِ ايم نالي دهشتگرد تنظيم سان آهي. خط ۾ دهشتگرد جو سڃاڻپ وارو ڪوائف ۽ سندس پاسپورٽ به ٻڌايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ درخواست ڪئي وئي آهي ته گهربل دهشتگرد کي فوري طور گرفتار ڪري کيس چين حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهو پنهنجي ناڪام مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ رٿابندي ۾ شامل ٻين دهشتگردن تائين به پهچي سگهجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے