24 ہفتہ , فروری 2018

ايل او سي جي شهرين حڪومت کان متبادل رهائش جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري واري واقعن کان پريشان شهرين حڪومت کان متبادل رهائش جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فائرنگ خلاف شهرين نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ آزاد ڪشمير جي علائقن بٽل، عباسپور، نڪيال، دره شير خان ۽ ٻين سيڪٽرن جي متاثرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري سبب ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشال ملڪ به خطاب ڪيو. متاثر شهرين ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي عالمي معاهدي ۽ قانون موجب مڪمل جنگبندي ڪئي وڃي، سيز فائر معاهدي جي باوجود ڀارت ڪنٽرول لائن تي فائرنگ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪري چڪو آهي. مظاهرو ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايل او سي تي رهيل ماڻهن لاءِ متبادل رهائشي منصوبو شروع ڪيو وڃي ۽ شهيد يا زخمي ٿيلن کي معاوضو ڏنو وڃي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي سطح تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ڪشميرين جو قتل عام بند ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے