19 پیر , فروری 2018

آڪسفورڊ ڪاليج مان تصوير کانپوءِ هاڻي سوچي جو نالو به هٽايو ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) روهنگيا مسلمانن تي ظلم خلاف آواز نه اٿاريندڙ آن سانگ سوچي جو نالو هاڻي آڪسفورڊ ڪاليج تان به هٽايو ويو آهي. يونيورسٽيءَ جي ڪاليج سينيٽ هيوز  آنگ سانگ سوچي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. آڪسفوڙد جي شاگردن سوچي جو نالو پنهنجي ڪاليج جي ڪامن روم تان احتجاجي طور هٽائي ڇڏيو آهي. ميانمار جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ اڳواڻ آنگ سانگ سوچي جو نالو هٽائڻ لاءِ باقاعده شاگردن طرفان ووٽنگ ڪئي وئي جنهن ۾ گهڻي قدر شاگردن آنگ سانگ سوچي خلاف ووٽنگ ڪئي جنهن بعد سندس نالو روم تان هٽايو ويو. شاگردن ٺهراءُ ۾ چيو ته آنگ سانگ سوچي طرفان ميانمار جي رياست رخائن ۾ روهنگيا ماڻهن جي قتل عام، اجتماعي زيادتي ۽ انساني حقن جي ٻين ڀڃڪڙين جي مذمت نه ڪرڻ قبولڻ جوڳو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، 66 ڄڻا اجل جو شڪار

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جو مسافر جهاز ڪرڻ تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے