24 آچر , جون 2018

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي جو سبب پوليس جي سستي هئي: آءِ جي پنجاب

لاهور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب عارف نواز جو چوڻ آهي ته سري لنڪن ٽيم تي حملو پوليس جي سستي جي ڪري ٿيو هو. ميڊيا سان ڳائيدني پنجاب جي آءِ جي عارف نواز چيو ته 2009ع ۾ سري لنڪن ٽيم تي حملو پوليس جي سستي جي ڪري ٿيو هو تنهن هوندي اڄ پاڪ سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ سيڪيورٽي بابت انتظام جاري آهن. آءِ جي پنجاب چيو ته 2 سالن کان ڪرڪيٽ ٽيمن کي بهترين ڏئي رهيا آهيون ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم کي به اعليٰ معيار جي سيڪيورٽي ڏينداسين. ڪراچي ۾ عورتن تي ڇرين سان حملن بابت هن چيو ته ڪراچي ۾ چاقوبردار گروپ جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهيون جڏهن ته پنجاب ۾ چاقوبردار گروپ جو وجود ئي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے