24 جمعہ , نومبر 2017

پاڪستان طرفان بيت المقدس ۾ يهودي وسندين جي اڏاوت روڪڻ جو مطالبو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي غير قانوني بستين جي اڏاوت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي وچ اوڀر  سلامتي ڪائونسل جي مباحثي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو ته فلسطين جي مسئلي جو حل عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ لازمي آهي، فلسطين مسئلي تي اڳڀرائي جي گهٽتائي نه رڳو فلسطينين جي نسلن جي اميدن ۽ خواهشن کي دوکو ڏنو پر اڻ مٽجندڙ دشمني جي ٻج کي به پوکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته 1976ع کان اڳ جي سرحد ۽ القدس الشريف گادي وارو هنڌ طور ئي رياست وچ اوڀر ۾ جٽادار امن جي ضمانت آهي، رياست تي غير قانوني قبضي کي 50 سال گذري چڪا آهن ۽ فلسطيني عوام آزادي ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي خواهش کان وانجهيل آهن. مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان قاهره ۾ فتح ۽ حماس وچ م سياسي مفاهمت جي تاريخي ڪاميابي طور آجيان ڪئي، پهرين وک طور غزه تان غير قانوني ۽ ظالماڻو گهيرو ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته غير قانوني وسندين جي اڏاوت فلسطيني شهرين کي سندن گهرن ۽ زمينن تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش آهي جنهن کي روڪيو وڃي، اسرائيل طرفان اهڙي ڪوشش به سڄي دنيا جي اربين مسلمانن لاءِ نه قبولڻ جوڳي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے