24 جمعہ , نومبر 2017

پنجاب کي چورن ۽ ڦورن کان پاڪ ڪيو ويندو: شهباز شريف

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب پوليس صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جوانن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي،  پنجاب کي چورن ۽ ڦورن کان پاڪ ڪيو ويندو.لاهور ۾ ڊولفن فورس جي لانچنگ ٿي چڪي آهي، هاڻي ٻين شهرن ۾ وڃڻو آهي. ڊولفن فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته عوام جون نظرون ڊولفن فورس تي آهن، ڊولفن فورس جا جوان ڏوهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ مثال قائم ڪندا. هن چيو ته ڊولفن فورس جو آئيڊيا ترڪي مان ورتو جنهن لاءِ ترڪ حڪومت سندن ڀرپور مدد ڪئي آهي، اميد آهي ته ڊولفن فورس پنجاب پوليس جو اميج بهتر ۽ ترڪ ڊولفن فورس جهڙو معيار هتي به قائم ڪندي. سندس چوڻ هو ته پنجاب پوليس ۾ هزارين اهلڪارن کي ڀرتي ڪري تربيت فراهم ڪئي وئي ۽ اهلڪارن تي اربين رپيه خرچ ڪيا ويا، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ سي پيڪ جي حفاظت لاءِ نئين فورس قائم ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے