18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪرپٽ آفيسرن خلاف وٺ پڪڙ ۽ سماج ۾ پيدا ٿيندڙ نوان تاثر

پاڪستان هڪ ملڪ طور، صوبن پنهنجي پنهنجي انتظامي حيثيتن ۾ ڪئين اهڙا زمانا ڏٺا آهن، جن ۾ سرڪاري ڪامورن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو هو. گذريل دورن ۾ اهو ڏٺو ويو ته ، چونڊ من کي نه وڻندڙ ، ڪرپٽ يا نااهل توڙي ڪم کان گوهيون ڏيندڙ نوڪرين مان ڪڍيا ويندا هيا. ڪنهن به حوالي سان ڪنهن قوميت ۽ ٻولي4 جو حوالو نه هوندو هيو.

ون يونٽ ، جنرل يحيا خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سرواڻي ۾ هلندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پهرئين دور ۾ سرڪار آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ئي سبب هوندو هيو ته فلاڻي ڪاموري ڪرپشن ڪئي، جنهن ڪري کيس نوڪري مان ڪڍيو ويندو هيو. ڪرپشن کي سبب سان گڏ پنهنجي مخالف يا ڪنهن به سختگير آفيسر يا اڻوڻندڙ آفيسر کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو هيو.

ان دور ۾ اهو تاثر ڪنهن به نه ڏنو ته ڪو ”سنڌي“ ملازم ئي ڪرپٽ هيا.

تبديل ٿيل زمانن ۾ مختلف احتسابي قانونن، ڪرپشن ٽوڙ کاتن پنهنجي پنهنجي سببن کي ساڻ کڻي نت نيون ڪوششون ڪيون آهن. جنهن ڪري هاڻي ڪنهن به سرڪار پاران سول ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو اعلان نه ٿو ٿئي پر، سرڪار ۾ موجود مختلف احتسابي ادارا اهو ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ڪم سان تاريخ پنهنجو وهنوار هلايو هو.

ڪالهه، سنڌ سرڪار مختلف کاتن مان گهٽ ۾ گهٽ 500 آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي. جن جي باري ۾ اهي ثبوت هيا ته انهن ڪرپشن ڪرڻ کان پوءِ نئب سان ڳالهيون ڪري رضاڪاراڻي نموني ڪرپٽ ٿيل رقمن جو هڪ حصو واپس ڪيو هو. نئب انهن تي ڪيس هلائڻ جي منظوري ڏني هئي پر انهن کي قيد بند مان آزاد ڪري ڇڏيو هو.

انهن کاتن ۾، سنڌ جو تعليم، ٻيلا ۽ جھنگلي جيوت، ورڪس اينڊ سروسز، ناڻو، صحت، زراعت، سپلاءِ ۽ پرائيزز، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، خوراڪ، مڪاني ادارا، هائوسنگ پلاننگ، آبپاشي ۽ پوليس جا کاتا شامل آهن.

انهن آفيسرن جي لسٽ لاڳاپيل کاتن پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي آهي، جنهن ۾ تعليم کاتي سڀ کان اڳ ڦڙتي ڏيکاريندي 293 ملازمن ۽ آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين کاتن پنهنجي ملازمن جون لسٽون چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪلي ڏنيون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪرپٽ آفيسرن پاران رضاڪاراڻي رقم جي واپسي ۽ عهدي جي بحالي جي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ۾ سنڌ سرڪار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کان سوال ڪيو ته ڪرپشن جو اعتراف ڪندڙ آفيسرن جي عهدي تي بحالي جو ڪهڙو جواز آهي؟ .چيف سيڪريٽري سنڌ جواب ڏنو ته ڪرپشن ۾ ملوٽ آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي ۽ کاتي وار ڪارروائي ڪئي پئي وڃي .چيف جسٽس سنڌ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان پنهنجو لکت ۾ حلفيه بيان جمع ڪرايو ته سنڌ ۾ رضاڪاراڻي رقم واپسي ڪرڻ وارن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي .چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته توهان کي خبر آهي ته غلط بياني  جا نتيجا ڇا هوندا.

ٻئي پاسي، نئب  چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان بدعنوانيءَ جو خاتمو نئب جي اوليت آهي، نئب ۾ ترقي ۽ مقرري رڳو ۽ رڳو ميرٽ، سينارٽي، پرفارمنس ۽ قانون  موجب ڪئي ويندي، صوبن جي ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو ۽ ڪنهن صوبي سان ناانصافي نه ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئب جي ملازمتن واري هيومن ريسورس شعبي جي ڪارڪردگي  جو جائزو  وٺڻ دوران ڪيو.هن چيو ته نااهل ۽ بدعنوان آفيسرن توڙي اهلڪارن  کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.

سنڌ جي اعليٰ اقتدار ڌڻين کي گذارش آهي ته اينٽي ڪرپشن قانون ۾ هڪ شق وڌي وڃي جنهن به ماڻهو تي ڪرپشن ثابت ٿي انهيءَ تي ٽن نسلن تائين سياست ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي، جڏهن هڪ ڪلارڪ نئب کي 5 ڪروڙ واپس ڪيا ۽ هڪ پٽيوالي پنج لک رپيا واپس ڪيا. گذريل ڏينهن عدالت ۾ نئب جي وڪيل ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر غلام مصطفيٰ ۽ محمد نذير 80 ڪروڙن کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي آهي .جڏهن ته جوابدارن جي وڪيل ٻڌايو ته جوابدارن رضاڪاراڻي رقم واپس ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي.

نئب هجي يا ائنٽي ڪرپشن ، انهن پاران جنهن نموني ملازمن جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي، يا جن ملازمن پاران ڏوهه باسڻ جي باوجود عهدن تي ويهاريو ويو هو، تنهن معاملي تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. هن سڄي اهم ترين مشق جو هڪڙو پاسو جيڪو گهڻو ڪري رڳو هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جي خلاف آهي، تنهن اهم ترين پاسي تي غور ڪرڻ گهرجي. ڇوته، سماج ۾ ڪرپشن رڳو هڪ ٻوليءَ وارن مٿان نه لٿي هئي، نه وري وڏن عهدن تي رڳو هڪ ٻوليءَ وارن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪرپٽ ئي ڪونهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اها ڳالهه پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪرپشن جو خاتمو ۽ ان جي شروعات اول سندن ادارن مان ٿيندي ته پوءِ سندن ماتحت آفيسر ۽ ادارا به بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندا. ٻيو ته ڪنهن به اداري ۾ رڳو ڪاررڪن ۽ هيٺين سطح جي آفيسرن تي ايڪشن پاڻ ناانصافي جو نمونو آهي، ڇوته، مٿئين ڏاڪي تي ويٺل آفيسر جي ڪرپشن کان سواءِ هيٺين ڪرپشن عام طور سمجهه ۾ نه ايندڙ عمل آهي.

ڇنڇر  21 آڪٽوبر 2017ع، 30 محرم الحرام 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے