24 جمعہ , نومبر 2017

پاڻ کي مُک ڪردار لائق نٿي سمجهان، شوبز سان سڄي عمر لاڳاپيل رهڻ چاهيان ٿي: ڀوميڪا چاولا

ممبئي(شوبز نيوز) ڀوميڪا چاولا بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪري راتو رات ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي. فلم ”تيري نام“ جو شمار بالي ووڊ ۽ سلمان خان جي ڪاميابي ترين فلمن ۾ ٿيندو آهي. ان فلم سڄي دنيا ۾ ڪاميابي جا جهنڊا ڦڙڪايا هئا. 2003 ۾ رليز ٿيل هن رومانٽڪ فلم خاص طور تي نوجوانن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي هئي. فلم جي شهرت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان ڪردار لاءِ سلمان خان پنهنجي وارن جو اسٽائل رکيو هو اهو ڏسندي ڏسندي نوجوانن ۾ ايترو مقبول ٿي ويو جو هر ٻيو نوجوان انهيءَ هيئر اسٽائيل ۾ نظر اچي رهيو هو. ستيش ڪوشڪ جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم جي هر ڪردار ان وقت جي ماڻهن جي ذهنن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي ڏني هئي. جڏهن ته ”تيري نام“ جا گيت به گهڻا مقبول ٿيا هئا. ڏسندڙن کي ياد هوندو ته فلم ”تيري نام“ ۾ سلمان خان جي مدمقابل هڪ نوجوان اداڪارا ڀوميڪا چاولا هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. ڀوميڪا چاولا جي معصوم اداڪاري کيس راتو رات شهرت جي بلندي تي پهچائي ڇڏيو هو پر پوءِ الائي به ڇا ٿيو جو سندس چاهيندڙ رڳو انتظار ئي ڪندا رهيا ۽ انهن جي پسنديدا اداڪارا  انهن کي وري نه نظر آئي. هاڻي ڪجهه عرصو اڳ ئي ڀوميڪا چاولا بالي ووڊ جي هڪ بلاڪ باسٽر  فلم ”ايم ايس ڌوني“ مان واپسي ڪئي هئي. تمام گھٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته ڀوميڪا چاولا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات تلگو فلمن کان ڪئي هئي ۽ اتي به هن شاندار فلمون ڏنيون ۽ ڪاميابي جا جھنڊا لهرايا. هن جي شهرت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن سپر اسٽار رجني ڪانت ۽ ڪمل هاسن سان گڏ به فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پنهنجي هڪ ويجهر ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ڀوميڪا چاولا ٻڌايو ته هوءَ هاڻي پاڻ کي مک ڪردار جي قابل نٿي سمجھي پر هوءَ فلمي دنيا سان پنهنجو رشتو سڃي عمر جوڙي رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محنت انسان جي تقدير ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي: مهرين سيد

لاهور (شوبز نيوز) مشهور خوبصورت پاڪستاني ماڊل مهرين سيد چيو آهي ته محنت انسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے