19 پیر , فروری 2018

ويرات ڪوهلي هلندڙ دور جو بهترين بيٽسمين آهي: محمد عامر

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي تعريف ڪندي چيو ته هو هلندڙ دور جو بهترين بيسٽمين آهي. ويرات ڪوهلي گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي شو ۾ اعتراف ڪندي چيو هو ته محمد عامر دنيا جو مشڪل ترين بالر آهي، جنهن جو جواب ڏيندي محمد عامر به پٺتي نه رهيو ۽ سندس چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي هڪ بهترين انسان ۽ سندس پسند وارو بيٽسمين آهي ۽ سندس اڳيان بالنگ ڪرڻ هميشا هڪ مشڪل چئلينج رهي آهي. محمد عامر جو چوڻ هو ته ڪوهلي سان گڏ انڊر 19 کان کيڏي رهيو آهيان ۽ ان ڪري ئي ٻنهي وچ ۾ بهترين انڊر اسٽينڊنگ آهي، جڏهن ته ڪوهلي هدف جو پيڇو ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندڙ آهي ۽ جيڪڏهن ان کي هڪ موقعو به ملي ته هو ميچ اوهان جي پهچ کان گهڻو اڳتي کڻي ويندو آهي، جيئن هن ڍاڪا ۾ ايشيا ڪپ ٽي ٽونٽي جي دوران ڪيو هو. محمد عامر جو چوڻ آهي ته ڪوهلي سان سٺي دوستي آهي ۽ ان جي تعريف سان گهڻو اعتماد ملندو آهي، جڏهن ته مشڪل بيٽسمين خلاف اوهان کي به ٽف ٿيڻو پوندو آهي، ڇو جو ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڪا به دوستي ناهي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڄ ڪلهه بالرن کي حريف بيٽسمين جو ذهن پڙهڻو پوندو آهي: سهيل خان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر سهيل خان جو چوڻ آهي ته جديد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے