24 جمعہ , نومبر 2017

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، حسن علي ۽ محمد حفيظ ٽاپ تي اچي ويا

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي عمران طاهر کي پوئتي ڌڪي پهريون نمبر بالر بڻجي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ون ڊي رينڪنگ مطابق پاڪستان جو فاسٽ بالر حسن علي ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. حسن علي ڏکڻ آفريقي بالر عمران طاهر کي پوئتي ڌڪيندي نمبر ون بالر بڻجي ويو آهي جڏهن ته بابراعظم بيٽسمينن ۾ 2 درجا ترقي ڪري چوٿين نمبر تي اچي ويو، آل رائونڊرن جي فهرست ۾ محمد حفيظ بنگلاديشي رانديگر شڪيب الحسن کي پوئتي ڇڏي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. حسن علي سڀ کان گهٽ ون ڊي ميچن ۾ 50 وڪيٽون حاصل ڪرڻ وارو پاڪستاني بالر هئڻ جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، حسن علي پنهنجي 24 هين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ وڪيٽن جي ففٽي مڪمل ڪئي جڏهن ته ان کان پهريون اهو رڪارڊ وقار يونس وٽ هو جنهن 27 ون ڊي ميچن ۾ 50 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. واضح رهي ته حسن علي چئمپينز ٽرافي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر هو جڏهن ته بابر اعظم ويجهر ۾ لڳاتار 5 ون ڊي ميچن ۾ سينچريون بڻائڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو. ڏکڻ آفريقا بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ۾ وڏي فتح سان عالمي رينڪنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو، ڀارتي ٽيم ٻئي نمبر تي هلي وئي، سريلنڪا خلاف عرب امارتن ۾ جاري پنج ميچن جي سيريز ۾ 3-0 جي ناقابل شڪست برتري وٺڻ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم ڇهين نمبر تي آهي جڏهن ته سريلنڪن ٽيم 8 نمبر تي پهچي وئي. عالمي رينڪنگ ۾ آسٽريليا ٽئين، انگلينڊ چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، بنگلاديش ستين، ويسٽ انڊيز نائين، افغانستان ڏهين زمبابوي يارهين ۽ آئرلينڊ 12 نمبر تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انوراگ ٺاڪر ميچ فڪسنگ جا پوريل لاش کوٽڻ لڳو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) بي سي سي آءِ جو اڳوڻي صدر انوراگ فڪسنگ جا پوريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے