25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

الک ثقافتي ورثو لوڪ گيت بادَليئو :نوراحمد جنجهي

لوڪ گيتن جي لات عوام جي اهڙي بات آهي جنهن مان انهن جي تن من جي تات ايئن جهلڪندي نظراچي ٿي جيئن ڀلسري ياسُٺي سال ۾ ٻنين ۾ بيٺل پوکن ۾ تازا نڪتل سنگ نظراينداآهن. لوڪ گيت عوام جي دلين جو اهڙو ساز آهن جيڪو صدين کان ڇڙيل آهي، جنهن جي تارن مان زندگيءَ جا سموراسُررُون رُون ڪري ايئن نڪرن ٿا جو لون لون ڪانڊارجي وڃي ٿو. ٿري لوڪ گيت، ٿري لوڪ آکاڻيون، لوڪ پهاڪا، ڳجهارتون اهڙو املهه وکر آهن جيڪو پئي پُراڻو نه ٿو ٿئي. ٿر۾ گرميءَ جا ڏينهن تپنداآهن، ڪاڙهاڪڙهنداآهن ، لوءَ لڳندي آهي ، لڪ تپنداآهن. ڀٽن ۾ گرمي جي روهڻ تپندي آهي. اهڙي ڪيفيت کانپوءِ، اُڀ ۾ بادل ڏيکائوڏينداآهن. بادلن جو اهڙو منظرٿري لوڪ جيون  لاءِ اهم جمالياتي منظرآهي جنهن جي اندر ۾ هرٿريءَ لاءِ هڪڙي آس اُميد سمائي آهي ته جڏهن هي بادليئو وسندو ته ڏيهه جو ڏک ڏولائو ڏور ٿيندو. جڏهن ڀورابادل ڪاوڙجي، وڏيسجي ڏورهلياوينداآهن ۽ ڪارن ڪڪرن جون قطارون جڙنديون آحن ته ڏيهه ۾ ڏڪارڪاهي پوندو آهي جنهن سان ڪيتريون بُرايون گڏهونديون آهن. هاڻي ته ڏڪارجا به انيڪ قسم ٿي پياآهن ۽ ڏڪارهڪڙو ٻهڳڻ لقاءُ بنجي پيو آهي. آبي ڏڪار، آبهوائي ڏڪار،کاڌ خوراڪ جو ڏڪار، صحت جو ڏڪاروغيره گڏجي سڏجي سماجي اقتصادي ڏڪارواريءَ صورتحال کي اُڀارين ٿا. ڏڪارجي شدت وڌي ويندي آهي ته  زمين اندر پاڻيءَ جا نار سُڪي وينداآهن، ريج گهٽجي ويندو آهي، وڻ ٽڻ سڪي وينداآهن، اوڀڙسڪي ناس ٿي ويندي آهي. اهڙي ڏڪارکي ڪارو ڏڪار چونداآهن. ڪاري ڏڪار ۾ نه رڳو راڻين جا  ڪنگڻ ڍراٿي پونداآهن پريارلوڪ عشق ڪرڻ به ڇڏي ڏينداآهن. اهڙي قحط ساليءَ جو ذڪر فارسيءَ جي شاعر شيخ سعدي ڪندي فرمايوآهي؛

چنان قحط سالي، شداندر دمشق

ڪه ياران فراموش ڪردند عشق

يعني هن سال دمشق ۾ اهڙو ڏڪار پيو آهي جنهن جي ڪڙاڪي سببان يارن عشق ڪرڻ ترڪ ڪيو آهي.  اهي ڏڪار جنهن صورتحال کي جنم ڏين ٿا تنهن کي غربت جي نالي سان دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ دنيا جي موجوده غربت ۾  قدرتي آفت زدگين جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي هٿ سان وڌل ڏڪارن جو ڪردارآهي. ڏڪار جي انهي حالت کي ذخيري اندوز ۽ مال ميڙيندڙ مافيائون وري پنهنجي منافعي ميڙڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون. ڀٽائي اهڙي منافعي خوري، ڦرلٽ ۽ ٺڳيءَ کي ننديندي هن طرح اظهاريو آهي؛

ڏڪارياڏيهه مان موذي شال مرن

ڏيهه جي ڏکن، موذيپڻي ۽ منداڙ کي ڪاٽڻ لاءِ قدرت  کي جڏهن  ٻاجهه پوندي آهي ته رحم جو ڪڪر وسي پوندو آهي ۽  ديس جا دُک دورٿي وينداآهن هرهنڌ  سُرهاڻ ۽ سرهائي ٿي پوندي آهي.

لوڪ ادب جي سهڻي وڙ لوڪ گيتن ۾ اهڙين ڪيفيتن جو وستارونڊيل آهي. ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ، پاران سهيڙيل ڪتاب لوڪ گيت ۾ صفحي 309 تي ٿرجو مشهور گيت ”بادَليئو“ ڏنل آهي جنهن جي روايت منگهارام اوجها جي جي آهي. منگهارام اوجها ٿرجي تاريخ سهيڙيندڙن بنيادي  قلمڪارن مان هڪ اهم ليکڪ آهي جنهن ”پُراڻي پارڪر“ جهڙو اهم ڪتاب  لکيو. هن  ٿري گيت جو پس منظر چٽو ڪندي ڊاڪٽر بلوچ هن ريت لکي ٿو،”هيءُ گيت ٿرپارڪر خطي ۾ رائج آهي. ٿرپارڪر جي آباديءَ جو دارومدار برسات تي آهي. وسڪارو ٿيو ته هرطرف ساوڪ  ٿي ويندي. انهي ڪري ٿروارن کي برسات جو انتظار تمام گهڻو رهندو آهي.“ هن گيت جي ڳائڻ جي ويل بابت لکندي ڊاڪٽربلوچ هڪڙو چٽ چٽي ٿو،”جڏهن اُتر طرف کان ڪاراڪڪر چڙهي اينداآهن ۽ برسات جي ٿڌڙي هير لڳندي آهي، تڏهن هڪجيڏيون سرتيون گڏجي ڏاڍيءَ خوشيءَ مان هيءُ گيت ڳائينديون آهن.“ هيءُ گيت ڪڏهن جو آهي يا ڪهڙي زماني ۾ لکيو ويو آهي تنهن بابت ڪا ٺوس ثابتي نه  آهي . ڊاڪٽربلوچ گيت جي قدامت جي ڳالهه ڪندي لکي ٿو،”هي گيت آڳاٽو ٿو ڀانئجي.ڇاڪاڻ ته هڪ مصرع ۾ عمرڪوٽ جي راڻن جو ذڪر اچي ٿو، جي برسات نه وسڻ سبب مجبور ن پنهنجي بادشاهي ڇڏي وسنديءَ ڏانهن هلياويا هئا؛

توبناراڻن راڄ ڇڏيو،ڇڏي گهر جي نار

راڻين جا ڪنگڻ ڍراضرور ٿينداآهن پر راڻاجي رجپوت آهن سي گهرنه ڇڏينداآهن، ملڪ نه مٽينداآهن، ڌرتيءَ تان قربان ٿي وينداآهن. جيڪي ٻن ٽڪن جي نفعي جا سُک سانگي ٿي، پُڇ وجهي ڀڄي وينداآهن سي راڻا۽ رجپوت نه هونداآهن. راجپوتن جي ثقافت ۾ ڌرتي مٽائڻ ٽڪو سمجهيوويندوآهي. راجپوتيءَ جو مطلب ڌرتيءَ سان وچن آهي. نيشن اسٽيٽ جي جديد جمهوريتي تحفي کان اڳ به وطن هڪڙو تصور هو جيڪو فطرت جي مقررڪيل سرحدن حدن اندرپروان چڙهندوهو. جنهن جي سُڃاڻپ گڏيل ثقافت هوندي هئي. نيشن اسٽيٽ وارو موجوده تصور ته تلوارن  کي انساني رت مان ٻوڙي ڌرتيءَ تي فٽ پٽيءَ سان ليڪون ڪڍي  نروارڪيوويو آهي جيڪو  مواصلاتي وسيلن  ۽  پيداواري ذريعن ۾ تبديلين اچڻ جي ڪري هاڻي دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن ڪمزورٿيندو پيو وڃي. باقي فطري وطن انسان جي اندرمان اڀري ٿو ۽ ان جي آبياري به فطرت جي  مٺي ماهي کير تي ٿئي ٿي. اهڙي ئي جذبي بابت لطيف سائين جو خيال هن ريت آهي؛

ڇُلي پئو م ڇپرين، ڏُلي ڇڏ م ڏيهه،

کايو وڻ وطن جا، وڙڪيو اچيوويهه،

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

ساڻيهه  سان سچڻ وارو ناتو ڌرتيءَ کي پرامن بنائي ٿو. هٻڇ تي آڌاريندڙ، منافعي جي بند گليءَ ۾ ڀٽڪندڙ ملڪي تصور دنيا۾ دهشتگردي ڦهلائي ٿو. ٻنهي مان اسان کي پهرين تصور جي چُونڊ ڪرڻ گهرجي  جيئن دنيا رهڻ لائق ته هجي.   لوڪ ادب به اهڙين محبتن جو امين آهي. هن گيت جي مختصرتعارف کي پُڄاڻيءَ تي پهچائيندي، ڊاڪٽربلوچ صاحب هن ريت لکي ٿو،”هي گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. هن گيت ۾ برسات  وسڻ کان اڳ جو نظارو بيان ٿيل آهي ته هاري ناري، ٻنيون نٿا کيڙي سگهن. گاهه جي ڪميءَ سبب ڍڳين کير سُڪائي ڇڏيوآهي. کوهن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، جنهنڪري ”پڻهاريون“ حيران آهن . آخر ۾ ڪڪرن کي مينهن وسائڻ لاءِ منٿ ڪيل آهي ته اهڙي اوسر ۾ مينهن وسائي، تتل دلين کي ٺارين. آخر۾ مينهن وسڻ جو ذڪرآهي.“

هن گيت جو ذڪر  ” سنڌي لوڪ گيتن  ۾ سماجڪ پس منظر“ جي عنوان هيٺ  تحقيق ڪري، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺندڙ، هندستاني ليکڪ، ڊاڪٽرنارائڻ ڀارتي به ڪيو آهي ته  ”ٻنيءَ جي سنڌي لوڪ گيتن“ جو اڀياس ڪندڙ، ڊاڪٽرڄيٺي لالواڻي پڻ ڪيو آهي. پر انهن هن گيت تي ڪو گهڻو تفصيلي نه لکيو آهي.

هيءُ گيت ٻئي لوڪ ادب جيان ، پيار جي هڪڙي قائم ٿيل اظهار جو اظهار آهي جنهن ۾  وني  پنهنجي ور کي ياد ڪري ٿي. انهي تڙپ ۽ طلب ۾ هوءَ، ڪاري ڪڪرکي اهڃاڻ بنائي ٿي. اهڙو اهڃاڻ جيڪو سک آڻيندو. ديس جا دک دور ٿيندا.اهو ٽڪنڊو اظهار….وني، ور ۽ بادَليئو…… جڏهن پنهنجي پس منظر۾ ديس کي آڻي بيهاري ٿو ته فطرتي جماليات جا سموراجلواڏيکائوڏيڻ لڳن ٿا. هن گيت جو تعلق امراڻي جي علائقي سان آهي جنهن کي هاڻي عمرڪوٽ چون ٿا. وراڻيءَ ۾ امراڻي جو ورور ڏيئي ذڪر ڪيو ويوآهي.  گيت  چوندڙ  امراڻي ۾ آباد آهي  ۽ بادل کي امراڻي جي ڏيهه جي ولهارن تي وسڻ جي  ڪوٺ ڏئي ٿي.بادل نه وسڻ جي ڪري نه هاري هر کيڙي ٿو ،نه ئي پنهنجي ٻنيءَ تي وڃي ٿو . اهڙيءَ حالت ۾ هاريءَ جي گهرواري يا ڀتو آڻيندڙ ڀتوار به ڳڻتيءَ ۾ آهي ته کوهن ۾ پاڻي به سُڪي ويو آهي تنهنڪري پاڻي ڀريندڙ پاڻهياري به ڳڻتيءَ ۾ آهي. سوئا ئن ڍڳين به کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري کيرڏهندڙ يعني ڏوجهاري به پريشان آهي.  بادليئي نه برسڻ جي ڪري ايترين شين کي ڳڻتي ٿي پوي ٿي. گيت جا پهريان بند هن ريت آهن؛

وراڻي؛ بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

توبنا هاري هريئا نه کيڙي،  تو بلکي ڦري  ڀتوئاري (تو کانسواءِ هاري هر نٿو کيڙي، ڀتار ڦري ويڳاڻي)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

توبنا کوئي پاڻي سُڪيو،بلکي ڦري پڻهياري (توسواءِ کوهن پاڻي سڪو، پاڻهياري ڦري ويڳاڻي)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

توبنا ڳئوئان ڏوڌ نه ڏين، بلکي ڦري ڏوجهاري ري (تو سوا کير ناهي ڍڳين، ڏوجهاري ڦري ويڳاڻي)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

بادليئي جي برسڻ  ۾ خوشي ۽ خوشحالي آهي ته ان جي رُسڻ ۾ ڏک ۽ ڏولائو آهي. اهڙي ڪيفيت کي هڪڙي ٿري ساکي ۾  ڪنهن لوڪ ڪويءَ هن ريت بيان ڪيو آهي ته ٻيا سڀ ورچي بيزار ٿيڻ واراآهن . اي ڪارا بادل تون بيزار نه ٿجان. تنهنجي بيازارٿيڻ سان بادشاه ڏلي ڏکحالا ٿي پونداآهن ته سڄڻ وڇڙي ، ڏور ڏيهه وڃي وسائيندا آهن؛

ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙاميهه

تين ورچي ڀوپت ڏلسين، سڄڻ جاسين ڇيهه

هن گيت ۾ اڳتي راڻن جي راڄ ڇڏڻ جو احوال آهي ته وري گهر جي نارڇڏڻ جو ذڪر پڻ آهي. پريتم کي جلدي موٽي اچڻ جي وينتي پڻ ڪيل آهي. مينهن ۾ سهڻي چادر ڀِڄڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي ته چادر جي چير ڀڄڻ جي علامتي ڳالهه پڻ ڪئي ويئي آهي ۽ بادل کي اها ڌمڪي به ڏني ويئي آهي ته جيڪڏهن کانئس نٿو وسجي ته پريتم کي وٺي اچ. هو پاڻهي وسندو. اهي علامتي ڪيفيتون هڪڙي ونيءَ جي پنهنجي ور لاءِ جنسي ڇڪ کي پڻ ظاهر ڪن ٿيون. گيت جو باقي حصو هن ريت آهي؛

توبنا راڻن راڄ ڇڏيو، ڇڏي گهر جي نار (توسواراڻن راڄ ڇڏيو، گهرن ۾ وني اڪيلي ڪري ويا)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

ڪهي سکي سُڻ پريتم پيارا! ڀيرپئي وهلو آو،  (اي پريتم پيارا جلدي اڄ، سکي جي ڳالهه سڻ)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

سندرسهامڻي چادر ڀيجي، ڀيجي گورل رو چير (خوبصورت چني پسي آهي ۽ چُنيءَ جو چير پسيو آهي)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

بادليئا تون برسي نه ڄاڻي، تو پريتم کي ڪوٺاڙ ( جيڪڏهن، اي بادل ! تون وسي نه سگهين ته پرينءَ کي آڻ)

بادليئا تون برس، امراڻي ري ڏيس      (اي بادل ! تون امراڻي جي ڌرتيءَ تي وس)

هن گيت جا موضوع، اُڪنڊ ۽ اڪير جي چوڌاري ڦرن ٿا. هڪ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي سا آهي هن گيت جي درست پڙهڻي. روايتن مان لکيل شين سان ايئن ئي ٿيندو رهيوآهي. گيت ۾ آيل قافيا به ڪٿي ڪٿي نٿا ملن. ٻيو ته ڍاٽڪي جا لفظ جنهن کي ڍاٽڪي نٿي اچي تنهن لاءِ سمجهڻ ڏکياآهن. هن گيت جي لکتي صورت ڪٿي نٿي ملي جنهن تان ڀيٽي گيت  جي پڙهڻي درست ڪئي وڃي. لوڪ گيت بادليئو، انساني محسوسات جو آئينو آهي جنهن مان عورت جي ڪومل جذبن جي نرمل اظهارکي ڏسي سگهجي ٿو. بادل جي حيثيت اهڃاڻي آهي ، جنهنکي  ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جو مکيه ذريعو بنائيندي هي خوبصورت گيت سرڄيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے