20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عوامي آواز: ڏياري جا ڪيترائي پهلو سنڌي لوڪ قصن سان ملن ٿا: پروگرام : تخليق، ميزبان: زرار پيرزادو، مهمان : چندر ڪيسواڻي، ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، ٽيلي فون لائن تي : ڪي ايس ناگپال

ڪراچي (ٽي وي نيوز) سينيئر اديب ۽ صوفي دانشور ايس ڪي ناگپال چيو آهي ته اديب کي حق جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي پرچار ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتوار ادبي پروگرام تخليق ۾ مذهبي ڏڻن ۽ خوشين جو اديبن وٽ موجود تصور جي موضوع تي ٽيليفون تي ڳالهائيندي  ڪيو. هن چيو ته  ڏياري جا ڪيترائي پهلو سنڌي لوڪ قصن ۽ ثقافت سان ملن ٿا. ناليواري ۽ ترقي پسند شاعر چندر ڪيسواڻيءَ ان موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته اديب جو رول ماڊل ٿيڻ لازمي آهي.رڳو پرچار سان تبديلي نه ايندي، توهان جيڪڏهن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پهريون پان کي تبديل ڪيو. مثال طور مان  وٽ خوشيءَ جو تصور اهو آهي ته  اها جيئن ته سماج مان حاصل ڪجي ٿي ته اها پوءِ  سماج ۾ ورهائي به وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾  چندر چيو ته مان شاعر کي بنيادي طور  تي خوش مزاج  سمجهندو آهيان. ناليواري  ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا  چيو ته شاهه ڀٽائي به سر سامونڊي ۾ ڏياري کي ڳائي، ان ڏڻ کي وڏي اهميت ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب  ۾ ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا چيو ته ڊاڪٽر مرلي ڌر ڏياري تي ڪيل شاعري ۽ مضمونن کي سهيڙي ان کي ڪتابي شڪل ڏني آهي، پروگرام ۾ ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا ۽ چندر ڪيسواڻي ڏياري ۽ ٻين موضوعن تي شاعري پڻ ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز:فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪميپني داد لغاري جي انتظاميه جون ڪاڪرنن سان نا انصافيونم ورڪرن جو احتجاج

*- فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪمپني دادلغاري جي انتظاميه جي ورڪر دشمن ڪاررواين خلاف ورڪرن ۽  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے