24 جمعہ , نومبر 2017

لاپتا صحافي زينت شهزادي ٻن سالن بعد گهر پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور مان 2015 ۾ گم ٿيل عورت صحافي زينت شهزادي ٻن سالن بعد پنهنجي گهر پهچي وئي، لاپتا ماڻهن لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي زينت شهزادي جي واپسي جي تصديق ڪندي چيو ته ان کي پاڪ افغان سرحد ويجهو بازياب ڪرايو ويو آهي، تازو ئي نيب چيئرمين مقرر ٿيل اڳوڻي جسٽس چيو ته عورت صحافي کي ڪجهه غير رياستي عنصر ۽ دشمن ايجنسين اغوا ڪيو هيو، جڏهن ته ان کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن لاءِ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ قبيلائي اڳواڻن اهم ڪردار ادا ڪيو، ياد رهي زينت شهزادي کي لاپتا ماڻهن جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي آگسٽ 2015 ۾ گم ڪيو ويو هيو، جڏهن ته اها هڪ ڀارتي شهري جي گمشدگي تي ڪم ڪري رهي هئي، هن گمشده ڀارتي شهري حامد انصاري جي والده فوزيه انصاري طرفان سپريم ڪورٽ جي انساني حقن جي سيل ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، خيال رهي ته اطلاع هيا ته حامد انصاري پاڪستان مان گم ٿيو  هيو، ٻئي طرف حامد انصاري جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو پاڪستان ۾ هڪ عورت جي ڳولا ۾ هيو، جنهن سان ان جي انٽرنيٽ تي دوستي ٿي هئي، سلمان جو چوڻ هيو ته زبردستي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي ناڪوائري لاءِ درخواست منظور ڪري اڳتي وڌائي وئي هئي، ڪجهه مهينا اڳ ميڊيا جي هڪ حلقي طرفان اهي خبرون سامهون آيون هيون ته حامد انصاري کي جاسوسي جي الزام ۾ ٽن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، انساني حقن جي ڪارڪن حنا جيلاني 2016 ۾ بي بي سي اردو کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هيو ته زينت شهزادي مبينا طور هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ڀاتين سان چيو هيو ته ان کي سڪيورٽي ايجنسي طرفان زبردستي کنڀيو ويو هيو ۽ ڪيترا ڪلاڪ حراست ۾ حامد انصاري جي حوالي سان سوال ڪيا ويا هيا، زينت شهزادي جي گمشدگي جو معاملو مارچ 2016 ۾ ان وقت نمايان ٿيو هيو، جڏهن سندس ڀاءُ صدام آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، سندس وڏي ڀاءُ سلمان نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ چيو هيو ته ننڍو ڀاءُ سندس ويجهو هيو ۽ ان جي گمشدگي بعد تمام گهڻو جذباتي ۽ پريشان هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے