21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف سان افغان سفير جي ملاقات، دهشتگرد حملن جي سخت مذمت

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان سفير حضرت عمر زخيل وال ملاقات ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف افغانستان ۾ تازن دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي، آرمي چيف دهشتگرد حملن ۾ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته دهشتگردي کان پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي متاثر ٿيا آهن، اهڙا دهشتگرد حملا اسان جي عزم کي لوڏي نٿا سگهن، اهڙا دهشتگرد حملا خطي ۾ امن جي اسان جي عزم کي متاثر نٿا ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڪوال ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام،2 مبينا دهشتگرد گرفتار

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شهر ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے