17 اربع , جنوري 2018

ايران جي لوڪ ڪهاڻي دوست ۽ دشمن:سنڌيڪار: نجمه ’ناز‘ پنهور

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته ايران جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ هڪ شخص رهندو هو. هو تمام رحمدل ۽ ايماندار هوندو هو، جنهنڪري ماڻهن سندس نالو ’دوست‘ رکيو هو. هڪ ڏينهن هن سفر ڪرڻ جو خيال ڪيو. هڪ صحتمند ۽ تندرست گهوڙو خريد ڪيائين. کاڌي پيتي جون شيون کڻي، خدا جو نالو وٺي پنهنجي شهر مان روانو ٿيو. هن اڃا ٿورو ئي پنڌ ڪيو، ته هن کي هڪ گهوڙي سوار اچي رسيو. هُــن کيس ڀليڪار چئي، کانئس نالو پڇيو. هُــن جواب ڏنو، ته منهنجو نالو ’دشمن‘ آهي.

دوست حيرات ٿيندي چيو ته: ”ڪهڙو ته خراب نالو آهي، ڪنهن اهو تنهنجو نالو رکيو آهي.“

دشمن چيو: ”منهنجي ماءُ-پيءُ ۽ هر شخص مون کي ’دشمن‘ چئي سڏيندو آهي. هاڻ آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان! پر اهو ته ٻڌاءِ ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن پڇيو: ’دوست‘ ٻئي وراڻيو.

’دوست‘ ۽ ’دشمن‘ گڏجي سفر ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هو هلندا هلندا صاف پاڻيءَ جي هڪ چشمي تي پهتا. اتي هڪ گهاٽو وڻ هو. وڻ جي ڇانوَ ڏسي انهن اندازو لڳايو، ته هن وقت منجهند آهي، ان ڪري هو ٻئي ڄڻا ماني کائڻ لاءِ اُتي ترسيا.

’دشمن‘ چيو: ”اسين گڏجي سفر ڪري رهيا آهيون، اسان کي گڏجي ماني کائڻ گهرجي. پهرين تنهنجي ماني ٿا کائون، ۽ جڏهن تنهنجي ماني ختم ٿي ويندي، ته پوءِ منهنجي ماني گڏجي کائينداسين.“

’دوست‘ جلدي پنهنجي مانين وارو ڳوٿرو ڪڍيو. ’دوست‘ ۽ ’دشمن‘ ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪجهه ڏينهن کان ’دشمن‘، ’دوست‘ جي ماني کائيندو رهيو. آخرڪار ’دوست‘ جو سڀ کاڌو پيتو ختم ٿي ويو.

هاڻي ’دشمن‘ جو وارو هو، ته ’دوست‘ سان گڏجي ماني کائي. پر جڏهن ماني کائڻ جو وقت آيو، ته ’دشمن‘ پنهنجي ماني هٿ ۾ کڻي پري ويو ۽ اڪيلو کائڻ لڳو. ’دوست‘ نرم مزاج وارو ۽ شرميلو هو. هو ڪجهه چئي نه سگهيو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو بک کان بيحال ٿي ڳري ويو. هن ’دشمن‘ کي چيو: ”اسان هڪٻئي سان گڏجي ماني کائڻ جو فيصلو ڪيو هو. تو منهنجي سموري ماني، ته کائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي مون کي تون ماني کارائڻ لاءِ تيار ڪو نه آهين….ڇو؟“

’دشمن‘ چيو: ”آءُ نهايت عقلمند آهيان. اسان جو سفر وڏو به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آءُ پنهنجي ماني تو سان گڏ کاوان ته کاڌو جلد ئي ختم ٿي ويندو. پوءِ اسين ٻئي بک مري وينداسين. جيڪڏهن مون پنهنجو کاڌو رکيو، ته آءُ ضرور بچي ويندس.“

’دوست‘ چيو: ”پوءِ اسين ٻئي گڏجي سفر ڪري نٿا سگهون.“

اڳئين چوواٽي تي هو الڳ ٿي ويا. جڏهن رات ٿي تڏهن ’دوست‘ هڪ پراڻي جاءِ ۾ پهتو ۽ رات گذارڻ لاءِ ان ويران جاءِ جي اندر داخل ٿيو، اتي ڪنڊ جي سامهون هڪ وڏو پٿر پيل هو. هيءُ ان وڏي پٿر جي پويان سمهي پيو ۽ ليٽندي ئي ننڊ کڻي ويس.

پوءِ هو گهـڻن آوازن ڪري جاڳي پيو. هن پٿر کان مٿو کڻي ڏٺو، ته چانڊوڪيءَ ۾ کيس هڪ شينهن هڪ چيتو، هڪ بگهڙ ۽ هڪ لومڙي ڳالهايون ڪندي نظر آيا. شينهن چوڻ لڳو ته: ”مون کي هتي ’آدم جي بوءِ‘ اچي رهي آهي.“ شينهن جي اها ڳالهه ٻڌي هيءُ ڊڄي ويو. پر چيتي چيو:“ هن ويران جاءِ ۾ ڪو ماڻهو داخل ٿيڻ جي همت ئي نٿو ڪري سگهي.“ بگهڙ چيو: ”هن جنن ڀوتن واري جڳهه ۾ اچڻ لاءِ وڏي دل کپي.“ لومڙيءَ چيو: ”پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. اسين اڄ به پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائي سگهون ٿا.“

چيتي ڳالهه شروع ڪئي: ”هن جاءِ ۾ ڪجهه ڪُــــئا رهن ٿا. جن تمام گهڻيون اشرفيون گڏ ڪري رکيون آهن. رات جي وقت جڏهن چنڊ چمڪندو آهي، تڏهن هو پنهنجو خزانو ٻاهر کڻي ڇت تي پکڙيندا آهن ۽ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ اشرفين کي ڏسي انهن سان کيڏندا آهن ۽ خوشيءَ ۾ نچندا آهن. صبح جي وقت هو حفاظت سان انهن اشرفين کي پنهنجي ٻِـرن ۾ لڪائيندا آهن.“

بگهڙ ٻڌايو: ”مان هڪ بادشاهه کي سڃاڻندو آهيان جنهن جي ڌيءَ چري ٿي ويئي آهي. هوءَ ڪمزور ٿيندي پيئي وڃي. ان جو علاج صرف هڪ خاص ٻوٽيءَ سان ٿي سگهي ٿو، جيڪا هڪ ڌنار پوکيندو آهي ۽ پنهنجي رڍن کي کارائيندو آهي. انهن ٻوٽين کي جيڪڏهن کير ۾ ڪاڙهي شهزاديءَ کي پياريو وڃي، ته شهزادي چاق ٿِي سگهي ٿي.“

هاڻ لومڙي پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي: ”مون کي هڪ ويران محل جي ڄاڻ آهي، جيڪا هن جاءِ کان اٽڪل هڪ ميل جي پنڌ تي آهي. ان جي هيٺان صاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي، جيڪو ڪجهه عرصي کان گند ڪچري جي پوڻ ڪري بند آهي.“

چار ئي جانور پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائي پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿي ويا. جڏهن دوست کي پڪ ٿي، ته سڀ جانور هليا ويا آهن، تڏهن هيءُ پٿر جي پويان نڪري آيو. چيتي جي ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ هيءُ جاءِ جي ڇت تي چڙهي ويو. اُتي ڇت تي اشرفيون پکڙيون پيون هيون ۽ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون. ڪُـــئا انهن تي نچي رهيا هئا ۽ خوش ٿي رهيا هئا. ’دوست‘ هڪ ننڍو پٿر کڻي انهن کي ڊيڄارڻ لاءِ اڇليو ۽ ڪُـــئا پنهنجن ٻرن ڏانهن ڀڄي ويا. پوءِ ’دوست‘ سڀ اشرفيون کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌيون ۽ پنهنجو گهوڙو ڪاهي باقي رات گذارڻ لاءِ هڪ ويجهي ڳوٺ ۾ رهي پيو.

صبح ٿيڻ تي هو ڳوٺ جي ٻاهران گهمڻ ويو. اتي هڪ ڌنار ٿلهين متارين رڍن سان نظر آيس. هن ڌنار کان اها ٻوٽي گهري. پهريائين ته ڌنار ڏيڻ کان انڪار ڪيس، پر جڏهن ’دوست‘ ڪُــئن کان ڀريل ڪجهه اشرفيون هن جي اڳيان رکيون، ته هن اها خاص ٻوٽي خوشيءَ سان دوست کي ڏني.

هاڻي ’دوست‘ سڌو ان شهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي شهزادي بيمار هئي، اتي هر شخص اداس هو. هن اها ئي ڳالهه ٻڌي، جيڪا بگهڙ ڪئي هئي. جڏهن ’دوست‘ چيو، ته مان شهزاديءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو. تڏهن ماڻهن کيس ڊيڄاريو، ته جيڪڏهن هو شهزاديءَ جو علاج نه ڪري سگهيو، ته کيس موت جي سزا ڏني ويندي. پر ’دوست‘ بلڪل ڪو نه ڊنو. هو محلات ۾ ويو. هن کي شهزاديءَ وٽ آندو ويو. هن ٿورو کير آڻڻ لاءِ چيو. هن کير ۾ اها خاص ٻوٽي ڪاڙهي ۽ اها دوا شهزاديءَ کي پيئڻ لاءِ ڏني. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ شهزادي وري اڳي وانگر تندرست ٿيڻ لڳي.

سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. بادشاهه پنهنجي ڌيءُ جي شادي ’دوست‘ سان ڪرائي. بادشاهه کي ڪو به پُــٽ ڪو نه هو. هن ’دوست‘ کي پنهنجو وليعهد بنائي ڇڏيو.

هڪ ڏينهن ’دوست‘ پريان هڪ سوار ڏٺو. جڏهن اهو سوار ويجهو آيو ته ’دوست‘ کيس سڃاتو. هيءُ سندس پراڻو همفسر’دشمن‘ هو. دشمن، دوست کان پڇيو: ”آخر تون زندگيءَ ۾ ايترو ڪامياب ڪيئن ٿئين؟“ ’دوست‘، ’دشمن‘ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ’دشمن‘ کي ’دوست‘ جي قسمت تي ڏاڍو ساڙ ٿيڻ لڳو. هو به اوڏانهن روانو ٿيو.

هو جاءِ ۾ اندر ويو ۽ ڪنڊ ۾ پيل پٿر جي پويان لڪي ويو. ڪجهه ئي دير ۾ شينهن چيتو، بگهڙ ۽ لومڙيءَ جاءِ ۾ داخل ٿيا. ’دشمن‘ ڏاڍو خوش ٿيو، شينهن چيو مون کي آدم جي بوءِ محسوس ٿي رهي آهي.

چيتي چيو: ”هي اهو ئي هوندو، جنهن اڳئين ڀيري اسان جون راز جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.“

هنن کي اها خبر هئي، ته ڪنهن ماڻهو ڪُــئن جو خزانو چوري ڪيو آهي.

بگهڙ چيو :”پڪ سان اهو ماڻهو هتي ڪٿي لڪل هوندو.“

لومڙيءَ چيو :” اچو ته کيس ڳوليون.“ ۽ ٿوري دير ۾ هنن کي پٿر جي پويان ويٺل ’دشمن‘ ملي ويو. جانورن هن کي پڪڙي ٻاهر ڪڍيو. هن جا چار حصا ڪري، هر هڪ جانور پنهنجو حصو آرام سان کائي ختم ڪيو. اهڙيءَ ريت ’دشمن‘ جو خاتمو ٿيو ۽ ’دوست‘ خوشيءَ جي زندگي گذاريندو رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے