21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ننڍي کنڊ جي راڳ جو بادشاھه گواليار گهراڻو ۽ سندس موسيقيءَ جو گائڪيءَ تي اثر:فدا حسين شيخ

چوڻ ۾ اچي ٿو ته راڳ سر رليا، لئي جي ابتدا، انسان جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ ئي شروع ٿي جو سر گر ۽ لئي انسان جي فطرت جو حسين شاهڪار آهي. مطلب ته  جتي روح اتي راڳ ۽ رڌم (ٺاھ) موجود آهي ۽ انهيءَ جو انڪار زندگيءَ کان انڪار جي مترادف آهي. ڪتابن ۾ آيو آهي ته جڏهن رب جليل حضرت آدم ۾ روح داخل ڪرڻ چاهيو ته روح آدم جي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان هٻڪي رهيو هو. انهيءَ وقت ملائڪن گڏجي انتهائي سريلي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته روح خوشي خوشي حضرت آدم ۾ داخل ٿي ويو. اهو مٺڙو آواز سر ڀرو يا ڀيرو هو. هونئن به سر خدا جي معجرزن مان هڪ معجزو آهي. حضرت دائود  کي جيڪي ٻه معجزا عطا ٿيا انهن مان پهريون مٺڙو ۽ سريلو آواز ۽ اصل جادوءَ جيتري اهميت رکي ٿو. پر حيرت جي ڳالهه اها به آهي جن ستن سرن(سپورن) تي راڳ آڌاريل آهي. اهي پکين ۽ جانورن جي آوازن تان ورتل آهي. مثلن 1- مور جي آواز سر کرج مان ”سا“ ورتل آهي. اهو پهريون سر يا ”نوٽ“ آهي. 2- ائين پپيهي جي پي پي کي ٻيو سر رکب مان ”ري“ ورتل آهي. 3-ٻڪري جي ٻيٻڙاٽ مان ورسر گنڌار ”گا“ 4-ڪونچ جي ڪڻڪ مان ورسر مدم ”ما“، 5-ڪوئل جي ڪوڪو مان ورسر پنچم ”پا“، 6-ڏيڏر جي ٽان ٽان مان ورسر دهوت ”ڌا“، 7- هاٿي جي رڙ يا چنگاڙ  ورسر نکاد ”ني“

اهي ئي بنيادي سر آهن جن تي راڳن، سازن ۽ آوازن جو لازوال ڪائناتي محل اڏيل آهي. استاد بڙي غلام علي خان چوندو هو ته جيڪڏهن ننڍي کنڊ جي هر گهر ۾ هڪ به ماڻهو راڳ ڳائڻ ته پري رهيو پر رڳو راڳ سمجهي ها ته هندو ۽ مسلمانن ۾ نفرتون ڪڏهن به پئدا نه ٿين ها ۽ هندستان ٻن ٻن ٽڪرن ۾ نه ورهائجي ها. بهرحال هي سڀ ڪجهه موضوع جي سر نامي طور آندو اٿم. جيئن موسيقي جي لاءِ طبيعت رکندڙ ماڻهو ان جي اهيمت سمجهن، ۽ اصل موضوع ڏانهن هاڻ اچون ٿا.

استاد ولايت حسين آف آگرا گهراڻي مطابق گواليار خيال گائڪي جو بنياد وجهڻ وارا عبدالله خان ۽ قادر بخش خان هئا ۽ قادر بخش خان جا ٻه پٽ هئا. هڪ نٿن خان، ٻيو پير بخش خان پر ڪمار پرساد مکرجي جي بيان جي آڌار تي پنڊت ڪرشنا رائو شنڪر ۽ استاد راڄا ڀيا پوڇوالي جيڪي ٻئي گواليار خاندان جا تمام وڏا گوياها جي مطابق، نٿن خان  پير بخش، هڪ ئي ماڻهو هو، سندس والد جو نالو مکڻ خان قوال هو جيڪو غلام رسول خان آف لکنئو جو شاگرد هو. اهو نٿن پير بخش ئي هو جنهن خدا بخش آف آگرا کي خيال جي تعليم ڏني جنهن ذريعي  خيال گائڪي آگري گهراڻي ڏانهن منتقل  ٿي ورنه آگري گهراڻي وارا درپڌيه گائڪ هئا ۽ خيال بلڪل ڪو نه ڳائيندا هئا. اهو نٿن پير بخش تي هو جنهن پنهنجي ٽن پوٽن هسو خان، هدو خان ۽ نٿو خان کي راڳ جي تعليم ڏني، ٽيئي ڀائر اوڻهوين صديءَ ۾ ننڍي کنڊ جا تمام وڏا گويا هئا، سندن والد جو استاد قادر بخش خان هو.

هدو ۽ هسو خان جو پڙ ڏاڏو مکڻ خان هو ۽ گواليار جي مهاراجا وٽ ڪورٽ ميوزيشن هو پر سندس پٽ نٿن پير بخش نه فقط سندس جاءِ ورتي پر گواليار مهاراجا دولت رائو سنڌيا جو گرُو به هو. سندن پڙڏاڏي مکڻ خان جو ٻيو  ڀاءُ شاڪر خان  هو ٻئي ڀائر ”قوال بچه“ جي نالي سان مشهور هئا پر ڪنهن اڻبڻت سبب الڳ ٿي ويا ۽ شاڪر خان ڪيڏانهن ويو ڪو پتو ڪونهي پر سندس پٽ بڙي محمد خان رياست ريوا جي جي مهاراجا وٽ ڪورٽ ميوزيشن مقرر ٿيو. رشتي جي حساب سان بڙي محمد خان هدو، هسو ۽ نٿو خان جو چاچو هو پر ساد ڪمار مکرجي مطابق نٿن پير بخش جيڪو خيال ڳائيندو هو اهو ڳري چال ۽ آهستي رفتار تي ٻڌل هو جنهن کي وري وڏين لرزدار تانن ۽ ڀرپور ڇاتي جي آواز جي آڌار گهمڪين سان سينگاريندو هو.

هدو، هسو ۽ نٿو خان جي اهڙي گائڪي مهاراجا دولت رائو سنڌيا ۽ سندس پٽ جيا جي رائو کي ڏاڍي وڻندي هئي سندس تانن جا نالا به غير معمولي هئا جيڪي گوالياري استاد ڳائيندا هئا. مثلن ڪڙڪ بجلي تان، ننگي، تلوار تان هاٿي چينگار تان، چون ٿا ته هڪ دفعي هدو ۽ هسو خان راجا جي درٻار ۾ ڳائنيدي هسو خان هاٿي چينگار تان کينو اڃا اڌ ۾ مس پهتو ته تان روڪي وات مان رت ٿڪڻ لڳو ته، سندس ڏاڏو نٿن پير بخش اٿي اچي شال سان سندس منهن تان رت صاف ڪندي چيو ”مرڻو آهي ته پٽ تان پورو ڪري مر“

استاد هدو خان لاءِ مشهور آهي ته صبح جو سويري هڪ سئو دفعا اٿويهه ڪري کوھ جي ٿڌي پاڻي سان تڙڪرڻ بعد اڌ سير کير ۾ چاليهه جليبيون وجهي کائيندو هو پوءِ چار ڪلاڪن تائين رياض ڪندو هو، رياض دوران اهڙا ته زور دار گمڪ تان هڻندو هو جو گهر جا در دريون ٽڙڪاٽ ڪندا هئا. ٻپهري جو اڌ ڪلو ننڍي گوشت جو قيمون کائي، رات واري ماني راجا جي درٻاري راڳ جي محفل کانپوءِ کائيندو هو ۽ راجا جي ماني ۾ ڇا نه هوندو.

هدو، هسو خان مهاراجا گواليار جا پسنديده گويا هوندا هئا ۽ روز رات جو سندن محفل لڳندي هئي، هڪ ڏينهن استاد بڙي محمد خان محفل ۾ اچي نڪتو. بڙدي محمد خان پنهنجي راڳداري جو مظاهرو ڪندي جڏهن قوالي اسٽائل درت خيال ۾ ڊگهن رڌمن رچيل تان هنيا ته هدو-هسو خان هڪ ٻي جو مينهن ڏسندي رهجي ويا جو اهڙي انداز ۽ ليا جو خيال هنن ڪڏهن ٻڌو ئي ڪو نه هو.

راجا صاحب کي به سندس درٻاري گوين جو وائڙو ٿي وڃڻ سٺو نه لڳو ۽ هن چاهيو ٿي سندن گوين کي به اهڙي تعليم ملڻ گهرجي، سو راجا، بڙي محمد خان کي پنهنجي درٻار ۾ وڏي عهدي تي رکي ڇڏيو. جيڪو ڏينهن جو راڳ جو رياض ڪندو هو ۽ رات جو راجا جي دربار ۾ محفل به مچائيندو هو پر راجا پست اخلاقي جو مظاهرو ڪندي بڙي محمد جي سکيا مهل هڪ ٿلهي پردي پٺيان هدو ۽ هسو خان کي ويهاريندو هو ائين پورا ٻه سال گذري ويا جڏهن راجا سمجهيو ته هاڻ هسو ۽ هدو خان بلڪل اهڙو ڳائين ٿا جيئن بڙي محمد خان ٿو ڳائي، تڏهن مهاراجا طرفان درٻار ۾ اعلان ڪيو ويو ته اڄ رات هدو ۽ هسو جي جوڙي پنهنجي پنهنجي گائڪي جو مظاهرو ڪندي ۽ هنن هوبهو ساڳئي انداز ۾ ڳايو ته بڙي محمد خان کي ڏاڍي مٺيان لڳي پر راجا جي اسرار تي هن هدو ۽ هسو خان کي پنهنجو ڳنڍ بند شاگرد ٺاهيو پر بڙي محمد خان جي راجا جي اها اوڇي حرڪت دل تان نه اتري ۽ هو جلدي راجا آف ريوا (اسٽيٽ) موٽي ويو جنهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ انعام اڪرام ڏيئي پنهنجي درٻار ۾ پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.

لڳي ٿو ته انهي موڙ کانپوءِ گوالياري اسٽائيل ۾ نمايان تبديلي آئي ۽ اهو تانڪاري ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيو. ٻيا گهراڻا جهڙو-پٽيالا، جئپور، ساهوان جيڪي پڻ گهڻو تڻو گوالياري گائڪي جي پئداوار آهن پر انهن جي گائڪي جاتان ڪجهه مختلف آهن، سواءِ آگرا گهراڻي جي، جيڪي پنهنجي ڌر ٻڌ ۽ ڌمرا ائيل واري آلاپ گائيڪي تي قائم هئا، تنهن هوندي به انهن گهراڻن ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته هو بندشون نائڪي انگ ۾ سرانجام ڏيندا هئا جيڪي گهڻو ڪري ڀرج ڀاشا يا ڀوجا پوري ٻوليءَ ۾ آهن.

جيئن ته اوڻيهن صديءَ جي وچ تائين اڃا ميوزڪ ۾ نوٽيشن نه آيو هو، انهيءَ ڪري نائڪي انگ ۾ ئي ڳايو يندو هو جنهن مان مراد آهي جيئن استاد سيکاريندو بلڪل عين بين ائين گائبو يا هيئَن چئجي ته گائڪيءَ جي تعليم زباني هوندي هئي، گائڪي ۾ نوٽيشن جي شروعات بنگلا مان اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿي جنهن لاءِ ڪيشترا گوسوامي ڪرشن ڌان بندو پڌايا، ديو جندر ناٿ ٽئگور وڏو ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ اهو ڪم  ڊگبرپولسڪار ۽ وشنو نارائڻ ڀاٽکنڊي پنهنجي هٿ ۾کنيو.

ياد رهي ته راڳ ۾ روايتي بندشون اهم رول ادا ڪنديون آهن ۽ بندش کي ميوزڪ جي چاٻي جو درجو آهي. جيترو بندش جو خزانو ڪنهن خاص راڳ جو وڏو هوندو ايترو راڳ جي ڍانچي کان وڌيڪ واقفيت هوندي.  هر راڳ جو انداز ۽ شخصيت پنهنجي هوندي آهي. مثلن ڀيروي، رامڪلي ۽ ڪالينگھڙو جا گهٽ يا وڌ ساڳيا نوٽيشن آهن پر ڀيري ۾ گهڻيو مينڍون ۽ گمڪون لڳائبيون آهن پر تيز تانن ۽ غير ضروري النڪارن (مرڪي ۽ کٽڪا) کان پاسو ڪبو آهي، جيئن راڳ جي شانتي ۽ صبح واري ماحول ۽ آرام ۾ خلل نه پوي ۽ گهڻو زور مدم (چوٿون نوٽ) تي ڏبو آهي ۾ رامڪليءَ ۽ وري زور پنچم ”پنجين نوٽ“ تي ڏبو آهي  ۽ تيز تانن جي اجازت هوندي آهي جو رامڪلي ڀيروي وانگر اداس راڳ نه آهي. ڪالينگڙو ۽ ڀيروي جي نوٽيشن بلڪل ساڳي آهي پر هي راڳ هلڪو ۽ هوائي انداز جو آهي ۽ انهيءَ ۾ حرڪتون ”Movements“ مختلف  آهن.

ننڍي کنڊ ۾ راڳ جا وڏا قديم گهراڻان ترتيبوار گواليار ۽ آگرا وارا آهن. جيستائين انهن ۾ خيال گائڪي داخل نه ٿي هئي تيستائين ڌرپد خوب پروان چڙهيو. وڏن استادن جو خيال آهي ته ميوزڪ جي هر شاگرد کي ڌرپد کان شروع ڪرڻ کپي، ڇو جو ڌرپد راويتي بندشون گهڻيون مهيا ڪري ٿو جنهن سان راڳ جو صحيح نقشو عيان ٿئي ٿو، اهو ئي سبب هو جو ڌرپڌيه استاد، خياليا (خيال ڳائڻ وارا) استاد کي بيسرو چوندا هئا، ڇو جو خيال گائڪي جي تانن ۾ جوڙ نمايان نظر اچي ٿو پر ڌرپد ۾ ورت (تيز) آلاپ جيڪي تانن جهڙا آهن پر اهي حلق ۽ گمڪين جي مدد سان هڪ ٻئي ۾ اُڻيل پوئيل نظر اينديون آهن.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته ماضي جا ڌرپديه راڳي، مينيڍ، گمڪ، شرتي، جنڪي راڳ سنگيت جا ٿنڀا آهن، جا ماهر هئا، وڏن گوين جو عام رايو آهي ته جنهن استاد الهندي خان جيڪو پنهنجي ڀاءُ ذاڪر الدين ۽ پٽ نصير الدين سان ڳائيندو هيو آلاپ جاري نه ٻڌي اهي اهو سمجهي ئي ڪو نه سگهندا ته هندستاني ميوزڪ ۾ شرتي ۽ سوارستان ڇا لاءِ آهي.

خياليا گوين استاد بسڪر راءِ بنکلي ۽ استاد فياض خان شرتين جا ماهر  رهيا ۽ انهن ٻنهي استادن جو لاڳاپو انهن گهراڻن سان هو جن صديون ڌرپد کي پروان چڙهايو پهرين جو واسطو گواليار ۽ پوئين جو آگرا گهراڻي سان هو ، پر جيئن وقت اڳتي وڌيو ته گواليار گهراڻو ” خود به تان پروان“ گائڪي جو طريقو اختيار ڪيو ۽ انهيءَ کي ترقي وٺائڻ لاءِ سڌا ڊگهو ۽ پست (شڌ) تان استعمال ڪيا جيڪي اڳتي هلي گواليار خاندانن جي ٽن خاص مان. هڪ خاصو بنجي ويا ۽ گواليار گهراڻو تان پروان (Taan basis) بنجي ويو.

چون ٿا جياجي رائو سنڌيا گواليار جي راجا جو دور 1886ع ۾ پڄاڻي تي پهتو، هو پاڻ به سٺو ڳائيندو هو ۽ ۽ هدو خان جي ننڍي ڀاءٌ جو ڳنڍ ٻڌ شاگرد به هو. انهيءَ ڪري هدو خان کي ٻاهر راڳ جي مرڪزن ڏانهن منهن ڪرڻو پيو ۽ جڏهن هن ڪلڪتي جيڪو ان وقت هندستان جي گاديءَ جوهنڌ هو اتي محفل ۾ Recital ڏنو. جڏهن هن پنهنجي تانن تي دسترس جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي هدو خان فخر هو ته سامعين هڪ هڪ ٿي اٿي هليا ويا ۽ رڳو پاڻ ۽ سندس ميزبان بچيو، استاد هدو خان کي سامعين جي انهي روش تي ٻه ڏينهن  سخت صدمي ۾ رهڻو پيو، پوءِ کيس خبر پئي ته اصل ۾ ڪلڪتي ۾ ڪو به خياليا راڳي هو ئي ڪو نه ۽ ماڻهو فقط ڌرپديه گوين کي ٻڌندا هئا، جيڪي مشهور وشنو بر ۽ بيٽا گهراڻا ڳائيندا هئا سواءِ ٽپي جي جيڪو بنگال ۾ نندو بابو جو درآمد ڪيل هو باقي راڳ کي پسند ڪرڻ وارن لاءِ تان، مرڪيون ۽ کٽڪا سڀ اجنبي شيون هيون. تڏهن وڃي هدو خان ۾ ساھ پيو ۽ هن پنهنجي ميزبان کي هڪ ٻي محفل ڪرائڻ لاءِ چيو، انهيءَ شام هدو خان خيال گائڪي مان اهي سڀ النڪار ڪڍي ڇڏيا. جيڪي ڌرپد ته ۾ منع ٿيل هئا. هن خيال ايڪتال جي بجاءِ چئوتال ۽ شروع  ڪئي حالانڪه ٻئي تال ٻارنهن ماترائن جا آهن پر سڄي خيال گائڪي ۾ هن هڪ به تان مينڍ مرڪي کٽڪو، سوت ياڪمپا استعمال ڪو نه ڪيو. آخر خانصاحب هدو خان ڄائي ڄم کان فنڪار هو ۽ پنهنجي فن سان بنگالين جون دليون جيتي ويو.

هدو خان جا پنهنجي ڪٽنب کان ٻاهر ڪيترائي شاگرد هئا ۽ اهي اڪثر مرهٽا برهمڻ هئا. هدو خان مسلمانن کي راڳ سيکارڻ جي حق ۾ نه هو ۽ چوندو ته مسلمان مڃڻ وارا نه آهن. هڪ دفعو انهن کي پذيرائي ملي ته پوءِ پنهنجي گروءَ کي عاق ڪري ڇڏيندا ۽ چوندا ته اسان کي پنهنجي پيءُ يا چاچي سيکاريو آهي ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا ته هو وڏا گهراڻيندار آهن.

هدو خان جي انهن برهمڻ شاگردن سڄي مهاراشٽر ۾ جيڪو پهرين بمبئي پريزيڊنسي سڏبو هو، گواليار گائڪي عام ڪئي. جنهن ۾ بالڪرشن بوا ۽ وشنو ڊگمبر اهم هئا. وشنو ڊگمبر جو وڏو ڪارنامو اهو  به هو ته هو تڏهن گندروا ماهو ڌياليا ميوزڪ اسڪول کوليو، جنهن جون شاخون ٻين رياستن ۾ به کوليون پر مزيدار ڳالهه آهي ته پهرين هن اهڙي اسڪول جي شروعات بجاءِ ممبئي جي لاهور مان 1901ع کان ڪئي ۽ ممبئي ۾ اهڙو اسڪول 1908 ۾ کوليو جتي ميوزڪ جي سکيا ڏني ويندي هئي،. باسڪر بوا، اتنا منوهر جوشي سندس پٽ گنجن بوا، شري ڪرشن رتن جانڪر ۽ سندس شاگرد، پنڊت قبيلي جو ڪرشنا رائو،  الاس ڪشالڪر سڀ ماراشٽرين ۽ هندو هئا ۽ سڀ گواليار گائڪي جا علم بردار هئا. پٽورڌن ۽ نارائڻ رائو وياس به گوالياري گائڪ هئا ۽ انهن گوالياري گائڪي ۾ تيز تانن جو اضافو ڪيو ۽ انهيءَ اسٽائل جو ڊي وي پلسڪار شاھ ڪاريگر هو پر بدقسمتي سان هو عمر جي چاليهين ڏاڪي ۾ گذاري ويو نه ته سگهيو ٿي ته هو وڌيڪ نواڻ آڻي ها.

خانصاحب هدو خان جو ننڍو پٽ استاد رحمت خان گواليار گائڪي جو زبردست گويو هو. جڏهن خانصاحب عبدالڪريم خان ڪرن ڌوار (شهر) ۾ استاد رحمت علي خان جو راڳ ڀوپالي ٻڌو ته هو ته ڌنگ رهجي ويو ۽ جڏهن عبدالڪريم خان کي استاد رحمت خان متعارف ڪرايو ويو، تڏهن استاد رحمت خان چيو ته کيس خان صاحب نٿو خان (آگري وارو) جو ڪو مشهور ترانو ياد آهي جواب ۾ خانصاحب عبدالڪريم خان ترانو راڳ مالڪوئونس ۾ ٻڌايو اڃا اهو ترانو خانصاحب ختم ٿي ڪيو ته استاد رحمت علي خان آستائي خيال، ”پير نه جاني“ ساڳئي راڳ ۾ شروع ڪيو ۽ هر دفعي ”سا“ کي مٿين ڪاري تي مکڙي سان گڏ ضرب هنيو ته خانصاحب عبدالڪريم کي سڄي جسم ۾ ڏڪڻي لڳي وئي. هو پنهنجي شاگردن کي ٻڌائيندو هو  ته سندس زندگيءَ جو اهو هڪ ڪلاڪ هڪ اڻوڻندڙ تجربو هو جو اهڙو مالڪوئنس جيڪو استاد رحمت علي خان ڪُرن دوار ۾ ٻڌايو هن سڄي زندگي ۾ وري نه ٻڌو.(هلندڙ)

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے