25 سومر , جون 2018

چيف جسٽس جون معنا خيز اهم ڳالهيون

سپريم ڪورٽ پاڪستان جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي ڪيس ۾ سندس وڪيل سان ڪيل ڳالهين ۾ تبصرا ڪندي، سوالن جا جواب وٺندي هڪ معنا خيز ڳالهه ڪري ڇڏي آهي ته ماڻهو عدالت کي نياپا پيا ڪن ته عدالت حالتن جي حساب سان ڪو ايڪشن کڻن. هن چيو ته، پر اسان کي ملڪي مفاد، ادارن جي ساک کي ڏسڻو آهي، جذباتي ناهي ٿيڻو، پارليامينٽ ۽ انهن جا ميمبر عزت وارا آهن، عدالتن تي تنقيد ڪندڙ پڻ اها ڳالهه سمجهن ته هي پڻ انهن جو ادارو آهي.

چيف جسٽس گذريل ڏينهن جهانگير ترين ڪيس ۾ ڏنل تبصرن ۽ ميڊيا ۾ مبينه طور انهن کي گهت وڌ ڪري پيش ڪرڻ کي اڻوڻندڙ ڪوٺيو. هن چيو ته مشاهدا فيصلا ناهن هوندا، اهي تبصرا هوندا آهن، پر جي فيصلو اچي وڃي ته ان تي ڪنڌ ننوائجي. فيصلن تي تنقيد ڪرڻ اهم ڳالهه آهي پر عدالتي ادارن تي ٺٺول نه ڪرڻ گهرجي.

هن وڪيل کي پڇيو ته ڇا بي ايماني ، غلط انگ اکر پيش ڪرڻ يا فراڊ ڪرڻ ڏوهه ناهي؟ تنهن تي وڪيل کيس چيو ته برابر اهي سڀ ڏوهه آهن. انهن سوالن جي حوالي سان وڪيل چيف جسٽس کي چيو ته عدالتون ڊڪشنري ۾ معنا ڏسي فيصلا پيون ڪن پر اڄ تائين شق 62 ۽ 63 جي باري ۾ گهرائي سان جائزو ئي نه ورتو ويو آهي.

چيف جسٽس موصوف کل کل ۾ جيڪا اهم ترين ڳالهه ڪئي آهي، ان باري ۾ ملڪ جا عوام ڊڄ ۾ به ورتل آهن ته جي پارليامينٽ جي باري ۾ پاڻ پارليامينٽ ڪي فيصلا نه ڪيا ته پوءِ عدالتن ذريعي اهم فيصلا ڪرايا ويندا. پر موصوف ان ڳالهه ڪرڻ سان گڏ جيڪا وضاحت ڪئي آهي ته ان مان عوام کي آٿت ملي ٿي ته عدالتون اهڙي ڪنهن به ڪم ڪرڻ يا ايڪشن کڻڻ جي پاسي نه وينديون.

جمعو  20  آڪٽوبر 2017ع، 29  محرم الحرام 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے