18 جمعرات , جنوری 2018

پاناما ڪيس جون وڌنڌڙ وکون ۽ ملزمن جو موقف

احتساب عدالت ڪالهه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن صفدر تي پاناما ڪيس جي سلسلي ۾ لنڊن فليٽس جي ملڪيت بابت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي ٿيندي.

ٻڌڻي کان پوءِ مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انصاف جي نالي ۾ هڪ ڪٽنب ۽ انصاف جو تماشو نه بڻايو وڃي. جي عدالتن کي سزا ئي ڏيڻي آهي ته، ان سزا جو به اعلان ڪيو وڃي. اسان کي هونئن به سزا اول ڏني ويئي آهي ۽ هاڻي انهن جا ثبوت ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حوصلن سان اسان سڀ ڪجهه سهي رهيا آهيون.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو مون مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن. پنهنجي وڪيل معرفت هن چيو آهي ته شفاف ٽرائل منهنجو حق آهي پر اسان کي ان بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته عدالت تڪڙ کان ڪم وٺي ريفرنس کي اڪلايو پيو وڃي، ڇهه مهينن ۾ ٽي ريفرنس اڪلائڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ مانيٽرنگ جج خاص طور تي ان ڪيس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسان جي مخالفن کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جو خون ٿي رهيو آهي، کيس رشوت يا ڪميشن تي نااهل ڪيو وڃي ها ته هو شرمندو ٿي گهر هليو وڃي ها. پر هاڻي تي غيرموجودگي ۾ به فرد جرم لاڳو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اميد آهي ته مون سان انصاف ڪيو ويندو.

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته احتساب عدالت ۾ ڪيس بهتر نموني هلي رهيا آهن، جنهن تي اسان کي اطمينان آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سڀ کان وڏو پاپي پاپا نواز شريف آهي، عدالت ۾ ثابت ٿي ويو ۽ فرد جرم لاڳو  ٿي ويو آهي.فواد چوڌري چيو ته احتساب عدالت ۾ ڪيس سٺي نموني هلي رهيا آهن جنهن تي اسان کي اطمينان آهي، هي ماڻهو چون ٿا ته اقامي تي ڪڍيو ويو پر اهو نه ٿا ٻڌائين ته اقامو ڪنهن جو  هو، اقامي ڪيپٽن ايف زيڊ ڪمپني جو هو. هن چيو ته فيصلن ۽ ججن کي جهڙي نموني تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي اها قبولڻ جوڳي ناهي.

ٻئي پاسي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ٿو ته اڃا به قانون ۽ انصاف زنده آهي. هي فيصلو ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته اڃا قانون ۽ انصاف زنده آهي، جڏهن عدالتون فيصلا نه ڪنديون آهن ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ويندي آهي. هن چيو ته نواز شريف فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ هو ڪنهن اليڪشن تي يقين نه ٿو رکي.

جمعو  20  آڪٽوبر 2017ع، 29  محرم الحرام 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے