19 خميس , جولاءِ 2018

سمورن گم ڪيل انسانن کي ظاهر ڪري ساڻن انصاف ٿيڻ گهرجي

سول سوسائٽي جو اڳواڻ ۽ وائيس آف مسنگ پرسنس سنڌ جو کنڀي گم ڪيل ڪنوينر پنهل ساريو اڍائي مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو. ياد رهي ته 3 آگسٽ 2017ع تي ڪيفي خانه بدوش مان انيل دايو جي سالگرهه تقريب مان واپسي تي سنڌ ميوزيم سامهون روڊ تان نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا هئا، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ ايڊووڪيٽ علي پلهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي.

پاڪستان ۾ مبينه طور هزارين ماڻهو گم آهن. سنڌ ۾ چيو وڃي ٿو ته انهن جو انگ سوين آهي. انهن ۾ مسٽر پنهل ساريو، انعام عباسي سميت ڪيترائي نوجوان شامل آهن.

سنڌ سرڪار توڙي نامعلوم ادارن کي پنهل ساريو جي آزادي تي شاباس نه ٿي ڏئي سگهجي، ڇوته پاڪستان ۾ هر شخص جنهن تي ڪيس داخل ناهن، انهن کي آزادي سان رهڻ جو قانوني، بنيادي ۽ انساني حق مليل آهي. سنڌ سرڪار توڙي ملڪ جي سمورن ادارن کي گهرجي ته پاڪستان ۾ سماجي بهتري لاءِ جيڪي به گم ڪيل، لڪايل، غائب ڪيل، کنڀي کنيل سياسي ۽ غيرسياسي ڪارڪن آهن، انهن سان انصاف ڪرڻ لاءِ کين بنا دير ظاهر ڪيو وڃي. انهن مان جنهن تي به ڪي به ڪيس آهن، اهي هلائڻ لاءِ انهن کي ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي

جمعو  20  آڪٽوبر 2017ع، 29  محرم الحرام 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحران مان گذرندڙ ملڪي معيشت کي نئين دڳ لائڻ جي ضرورت

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ ٽن مهينن لاءِ ملڪي مالي پاليسي جاري ڪندي وياج جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے