24 جمعہ , نومبر 2017

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 22 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر تي فرم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته نواز شريف تي فرد جرم سندس غير موجودگي ۾ سندس مقرر ڪيل نمائندي ظافر خان جي سامهون لاڳو ڪيو. ذريعن موجب نواز شريف فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ وطن واپسي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ هڪ ٽڪيٽ به بڪ ڪرائي ڇڏي آهي. نواز شريف قومي ايئرلائن پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 جي بزنس ڪلاس ۾ بڪنگ ڪرائي جيڪا 21 آڪٽوبر تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے