24 جمعہ , نومبر 2017

مريم نواز سان ملڻ لاءِ اچڻ تي سنڌ جي گورنر کي اندر اچڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مريم نواز سان ملاقات لاءِ اچڻ تي دروازو نه کوليو ويو جنهن تي هو ناراض ٿي واپس هليو ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ مريم نواز پنهنجي نياڻيءَ جي سهري چوڌري منير جي ايف 6 ۾ قائم رهائشگاهه پهتو. مريم نواز وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ گهر اندر هلي وئي ۽ گڏجاڻي ڪئي. سنڌ جو گورنر محمد زبير مريم نواز سان ملڻ لاءِ چوڌري منير جي رهائشگاهه پهتو پر کيس اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي. گورنر سنڌ پهرين گيٽ تي ويو ته اهو بند هو جنهن تي هو ٻي گيٽ تي هليو ويو پر اهو در به بند مليو ۽ عملي در کولڻ کان ئي انڪار ڪيو جنهن تي هو ناراض ٿي هو واپس هليو ويو. ذريعن موجب گورنر جي سنڌ جي روانگي کانپوءِ کيس فون ڪئي وئي ته هو ٻيهر واپس اچي ويو جنهن تي کيس اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. سنڌ جي گورنر ۽ مريم نواز ۾ غير رسمي ملاقات ٿي جنهن ۾ احتساب عدالت ۾ ڪارروائي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے