21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | جوهي. پاڻي لاءِ سپ وانگر ساه کڻندڙ ڪاڇي جي زندگي

پاڻي زندگي آهي،پر جوهي تعلقي جي ٽي حصا آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي.جوهي تعلقي جو چار هزار چورس ڪلو ميٽر علائقو ڪاڇي تي مشتمل آهي.ان ڪري هتي صدين کان رهندڙ ماڻهو پيئڻ جي پاني لاءِ برساتن تي ڀاڙيندا آهن. پر گذريل پنجن سالن کان ڪاڇي ۾ برساتون نه پوڻ سبب سوکهڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهيجنهن ڪري پنج يونين ڪائونسلن مان ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي بئراجي علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهنڪاڇي جا رواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ دٻن ۾ برستاي پاڻي جو زخيرو ختم ٿيڻ بعد زمينن ۾ ڪوه کوٽي سم جو زهريلو پاڻي ڀري پنهنجي توڙي پنهنجن جانورن جي اڃ اجهائن ٿا.ڪاڇي جا رواسي عورتون ٻار توڙي ٻڍڙا قيامت جهڙي گرمي نٽهڻ اس ۾ پيرين اگهاڙي پاڻي جي ڳولها ۾ نڪرن ٿا.ڪاڇي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ هزارين انسان پريشان آهن.ڏٺو وڃي ته تيل ۽ گيس جو مجومعي پيداوار جو 13 سيڪڙو جوهي شهر مان نڪري ٿو.پر تنهن هوندي به جوهي جا ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏهرڪي: مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري

*ڏھرڪي ۾ حسيني امام بارگاہ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو سخت سڪيورٽي هيٺ پنهنجي …