21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ٿو ته اڃا به قانون ۽ انصاف زنده آهي. شريف خاندان تي فرد جرم واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو روشن مثال آهي، هي فيصلو ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته اڃا قانون ۽ انصاف زنده آهي. هن چيو ته ڪنهن عدالت تي تنقيد نه ڪئي آهي ۽ نيب جي ڪارروائي تي کيس ڪو به شڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته  اڃا ته پلن تان پاڻي گذرڻ باقي آهي، هي اسان کي اسان جي ڦريل دولت ڏيکارين ٿا، عدالتون فيصلا نه ڪن ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ويندي آهي. شيخ رشيد چيو ته مسلم ليگ هڪ فري سائز پارٽي آهي، 42 ميمبر مشرف ليگ جي پيداوار آهن، جيڪي مشرف سان وڪري ٿي سگهن ٿا اهي مسلم ليگ ن لاءِ به وڪرو ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته هن وقت شهباز شريف لاءِ سٺو موقعو آهي پر تنهن باوجود کيس اهميت نه ملي آهي، مريم نواز ۽ ڪلثوم نواز شهباز شريف جو رستو روڪيو آهي.  سندس چوڻ  هو ته نواز شريف فوج خلاف ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کانسواءِ ڪنهن اليڪشن تي يقين نه ٿو رکي، جڏهن ته نواز شريف خلاف فيصلي کي ڪنهن به غلط قرار نه ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے