24 جمعہ , نومبر 2017

عمران جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، جمهوريت احتساب کان سواءِ  نٿي هلي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو هوندو، احتساب جمهوريت جو حصو آهي، جمهوريت احتساب کان سواءِ  نٿي هلي سگهي. عمران عورتن جي حقن جي خلاف آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ ڏياري تي شيو مندر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خيبرپختونخواهه ۾ عورتن جي خلاف بل پاس ڪرايو، عائشه گلالئي عمران خان تي سنگين الزام لڳايا آهن. هن چيو ته عمران خان جي پارٽي فنڊن ۾ اسرائيل تائين جو ذڪر آهي اها سنجيده ڳالهه آهي، هر موقعي تي عمران خان جمهوريت جي خلاف قدم کنيا. هن چيو ته آئون شخصيتن سان نه پر پاليسين سان اختلاف ڪندو آهيان. 2014ع ۾ جمهوريت تي حملو ڪرڻ ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هيو، عمران جا وزير چون ٿا ته ڪي پي ۾ پيسن سان خان ۽ ترين جا جهاز پيا هلن. هن وڌيڪ چيو ته علائشه گلالئي کي ڏسو اها عمران خان بابت ڇا پئي چوي، 2018 جي چونڊن ۾ توهان سڀني کي ڏيکاربو پ پ عوام جي دلين ۾ وسندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے