21 منگل , نومبر 2017

چيف اليڪشن ڪمشنر  جي گاڏيءَ بابت فواد چوڌريءَ جو بيان رد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيف اليڪشن ڪمشنر جي گاڏيءَ بابت فواد چوڌري جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب فواد چوڌري 2 ڏينهن اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جي درخواست ڪئي پر هن ڪيس ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب ملڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان ٻي ڌر جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر ملاقات نه ڪرڻ تي فواد چوڌري کي صدمو پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر جي گاڏي بابت گٿو بيان ڏنو جنهن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ۽ فواد چوڌري آئيني اداري خلاف ڳالهائڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ سندن خلاف آئين تحت ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به سياسي پارٽي هٿان بليڪ ميل نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم زاهد حامد نه سڄي چونڊ سڌارا ڪميٽي جو فيصلو هو: راجا ظفر جي رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته حلف نامي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے