19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ حادثن جي ذميدارن لاءِ سزائون مقرر ڪير ڪندو؟

سنڌ جي روڊن تي ٽرئفڪ حادثن سنڌ جي عوام ۾ نه رڳو واڌارو آندو آهي، پر هر ٻئين ڏينهن تي ڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ته ڪڏهن خراب گاڏين جي ڪري ڪئين خاندان بي موت مري رهيا آهن. عوام انهن حادثن تي هرروز سرڪار کان رڳو مطالبو ئي ڪري سگهي ٿو پر سرڪار ٿوري ٿوري وقت ۾ سختي ڪرڻ کان پوءِ وري ساڳئي پير تي بيٺي آهي، نتيجي ۾ حادثن ختم ٿيڻ واري صورتحال سامهون نه ٿي اچي. اهو ان ڪري به ٿئي پيو ڇوته، ڪنهن لاءِ به سزا ۽ جزا مقرر ئي ناهي. اها ڪا چڱي ڳالهه ناهي، ان سان رڳو مايوسي ئي وڌي سگهي ٿي. ڪالهه وري هڪڙو ٻيو واقعو ٿيو آهي.

سيوهڻ ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ڊاٽسن ۾ هانءُ ڏاريندڙ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب مسافر ڪوچ لاڙڪاڻي کان حيدرآباد کان وڃي رهي هئي ته سيوهڻ کان ڪجهه ڪلوميٽر ٻاهر انڊس هاءِ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊاٽسن سان ٽڪرائجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن لاش ۽ زخمين کي سيوهڻ جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي کي گهرجي ته هو پنهنجو قبلو درست ڪري گهٽ ۾ گهٽ روڊن تي ايئن ماڻهو مرڻ کان بچائين.

خميس 19 آڪٽوبر 2017ع،  28  محرم الحرام 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے