22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

 جديد پاڪستان ۾ قديم انگن اکرن تي ٿيندڙ 2018ع جون چونڊون

آدمشماري ڪرائيندڙ کاتي جي چيف ڪمشنر آصف باجوا چيو آهي ته جي ايندڙ چونڊون ٿيل آدمشماري جي بنياد تي نون تڪن جي حساب سان ڪرائڻي آهي ته پوءِ چونڊون ڪجهه مهينا دير سان ئي ٿينديون، ڇوته، نيون تڪبنديون سڄي ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 مهينا ڪتب آڻينديون، جڏهن ته، آدمشماري جا آخري نتيجا اپريل 2018ع کان اڳ صوبن کي نه ڏئي سگهبا.

سينيٽ جي ڳڻپ ۽ نجڪاري ڪميٽي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڳڻپ کاتي انهن 2 سيڪڙو ڪٿيل بلاڪن جي ٿيل ڳڻپ جي تصديق واري ڪم کان به لاچاري ڏيکاري آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل چيو ته ملڪ جي جاري حالتن ۾ فوج کي وري ان ڪم سان لڳائڻ ممڪن ڪونهي. هن چيو ته رڳو سنڌ صوبي کي انهن نتيجن تي اعتراض آهن، سندن تحفظات جلد دور ڪيا ويندا.

ڳڻپ کاتي، انهن جي وزيرن توڙي لاڳاپيل ذميدارن جو اهي ڳالهيون جيڪڏهن جيئن جو تيئن درست سمجهجن ته به اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مئي 2018ع تائين هن سرڪار جو مُدو پورو ٿيڻ کان پوءِ جيڪي نيون چونڊون ٿينديون اهي 20 سال اڳ 1998ع جي ڳڻپ شماري جي آڌار ئي سگهنديون. رڳو سنڌ صوبي جي حساب ڪتاب کي ڏسجي ته اها ڳالهه پڌري آهي ته صوبي ۾ رڳو 3 ڪروڙ ماڻهن ۾ موجود رجسٽرڊ ووٽرن کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو. جڏهن ايندڙ سرڪار جو مُدو 2023ع ۾ پورو ٿيندو ۽ چونڊون ٿينديون تڏهن 2017ع جا انگ اکر داخل ٿيندا. نوان تڪ ٺهندا. نوان سانگ ٿيندا ۽ نيون نيون سياستون جنم وٺنديون يا سُسنديون وينديون.

ڳڻپ کاتي کي سنڌ ۾ توڙي ملڪ ۾ نوان ڳڻيل ماڻهن جي ووٽر نه ٿيڻ تي جونءَ به نه ٿي چُري ۽ سندن اهڙي سرد روئي مان سندن جمهوري هجڻ جي ڀيٽ پڻ ڪري سگهجي ٿي. ملڪ جي سياسي پارٽين توڙي سمورن ادارن کي ان سلسلي ۾ ڪو لاڀائتو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ڏينهن ۾ ٽن ڏينهن جو ڪم ڪرڻ جهڙي مشق ڪري ان مامري کي حل ڪرڻ گهرجي.

خميس 19 آڪٽوبر 2017ع،  28  محرم الحرام 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے