19 پیر , فروری 2018

پراڻو پريمي جوڙو اڪشي ڪمار ۽ شلپا شيٽي وري ويجهو اچڻ لڳا

ممبئي (شوبز نيوز) ديوالي جو تهوار ايندي ئي نالي وارا اداڪار دعوتون ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي هڪ تقريب نالي واري اداڪارا شلپا شيٽي به پنهنجي گھر ۾ ڪئي آهي ۽ ان پنهنجي گھر جي تقريب ۾ اداڪار اڪشي ڪمار کي به گھرايو. اهڙي طرح اڪشي ڪمار به هڪ ڏينهن پهرين پنهنجي گھر ۾ ديوالي جي تقريب گھرائي جنهن ۾ شلپا شيٽي کي گھرايو هو. سوال اهو آهي ته ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ وارا اداڪار اڪشي ۽ شلپا ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ لڳا آهن؟؟ ياد رهي ته نالي واري اداڪارا شلپا شيٽي ۽ اڪشي ڪمار وچ ۾ گھرا تعلق هئا، ٻنهي جي محبت جا چرچا پوري دنيا ۾ مشهور هئا پر جلد ئي انهن پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا هئا. پر هاڻي وري لڳي رهيو آهي ته ٻئي اداڪار هڪ ٻئي جي ويجھو اچي رهيا آهن. رستا الڳ ڪرڻ کانپوءِ ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ کان احتياط ڪندا هئا، پر هاڻي ٻنهي اداڪارن هڪ ٻئي کي پنهنجي گھرن جي تقريبن ۾ گھرايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتفاق سان ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو باڪمال هوندا آهن: ريجا علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ريجا علي چيو آهي ته سمورن شعبن ۾ اهڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے