21 منگل , نومبر 2017

پي ايس ايل جون 2 ميچون ڪراچيءَ ۾ ٿيڻ جو امڪان، نجم سيٺي وڏي وزير سان ملاقات ڪندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ به ميچون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل 2018ع جون ٻه ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي، امڪان آهي ته ٽن مان ٻه پلي آف ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون. انهن مقابلن لاءِ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ انتظامن جو ڪم جاري آهي، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ڪراچي پهچي رهيو آهي جتي هو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيڪيورٽي اختيارين سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل ميچون ڪرائڻ لاءِ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي سيڪيورٽي سميت هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. ان کان پهريان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ اليون ٽيم جي آمد جي موقعي تي هڪ ميچ ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو جنهن تي نجم سيٺي جو چوڻ هو ته جلد عالمي ڪرڪيٽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي ٽيم جي ناقص ڪارگردگي تي فيڊريشن جو بي حسي جو اظهار

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي هاڪي ٽيم جي ناقص ڪارگردگي تي سيڪريٽري پي ايڇ ايف شهباز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے