24 جمعہ , نومبر 2017

ذاتي ۽ سياسي لاڳاپا الڳ آهن، وقت تي مشورو ڏيندو آهيان: حمزه شهباز

لاهور (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته 17 سالن جي عمر ۾ نواز شريف سان گڏ جيل ڪاٽيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حمزه شهباز شريف چيو ته ڪارڪن پارٽي جو سرمايو هوندا آهن، پارٽي جو قائد نواز شريف آهي، جمهوريت جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون، ذوالفقار ڀٽو ڦاسي چڙهي ويو، هن چيو ته هميشه ورڪر وانگر ڪم ڪيو ۽ ڪندو رهندس، اڄ جي تقرير ۾ چيو ڪرسي هميشه دوکو ڏنو، ذاتي ۽ سياسي لاڳاپا الڳ آهن، وقت تي مشورو ڏيندو آهيان، هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي، سئو ڪم ناهي، قوم جا مسئلا آهن، ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ رهندا آهن، دهشتگردي خلاف وڙهندڙ فوجين کي سلام پيش ڪريان ٿو، اين اي 120 ۾ مريم نواز سٺي مهم هلائي ۽ ڪاميابي ملي، منهنجي تقدير ۾ ڪو عهدو هوندو ته ملي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے