19 اربع , سيپٽمبر 2018

پپيتي جو خوبصورتيءَ ۾ ڪردار…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پپيتو عورتن جي حسن ۾ واڌ جي حوالي سان گهڻو مشهور آهي، ان ۾ وٽامن سي صوف جي ڀيٽ ۾ 48 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته ان کي فرشتن جو ميوو به چيو ويندو آهي. اڄوڪي دور ۾ عورتن جي جلد جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ پپيتي جو استعمال غير معمولي طور وڌي ويو آهي. تازي تحقيق موجب پپيتو کائيندڙ عورتن جي ڇاتي وڌي ويندي آهي ۽ انهن جي نسواني حسن ۾ اضافو ٿيندو آهي، جڏهن ته اهڙيون عورتون، جن جي ماهواري ۾ بي قاعدگي هجي، اها به بحال ٿي ويندي آهي. پپيتو وچ آمريڪا جو ميوو آهي، جيڪو ايشيا ۾ صدين کان استعمال ٿي رهيو آهي. هاضمي جي بهتري کانسواءِ ان ۾ موجود اهم غذائي جُز صحت ۽ توانائي لاءِ ڏاڍي اهميت رکن ٿا. پپيتي ۾ (انزائم) هاضمي وارو جُز گهڻو هوندو، تنهن ڪري جلد تي ان جي ليپ سان مئل گهرڙا به ختم ڪري سگهجن ٿا. چهري تان چُٽا ۽ داڻا ختم ڪرڻ لاءِ پپيتي کي چڱيءَ طرح گهوٽي ان ۾ ڏهي ملائي ڇڏيو ۽ 15 منٽ چهري تي لڳائڻ کانپوءِ گرم پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏيو، توهان جو چهرو مڪمل طور صاف سٿرو ٿي ويندو. اکين ۾ سوڄ ٿي وڃي ته پپيتي جا ننڍا ٽڪڙا اکيون بند ڪري انهن تي رکي 5 منٽن کانپوءِ گرم پاڻي سان منهن ڌوئي ڇڏيو. پپيتي جي کَل جسم تي مَلڻ سان توهان جي جلد به نرم ٿي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے