24 جمعہ , نومبر 2017

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون حملا زيرو لائن (پاڪ – افغان سرحد) تي ٿيا ۽ ڪو حملو پاڪستاني حدن ۾ ناهي ٿيو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪ – افغان سرحد تي يقينن ڪو هاءِ ويليو ٽارگيٽ هوندو، جنهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪا ڊرون حملا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه سال اڳ ڊرون حملا روز جو معمول هئا، جيڪي پاڪستان حدن ۾ ٿيندا هئا پر اسان گذريل چئن ورهين کان جاري فوجي آپريشن ذريعي ملڪ کي دهشتگردن کي ٺڪاڻن کان پاڪ ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي ڪٽنب افغانستان جي سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيو، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج آمريڪا جي ڳجهي ڄاڻ تي ڪارروائي ڪندي انهن کي آزاد ڪرايو. خواجا آصف چيو ته آمريڪا کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن آمريڪي فوج وٽ پرڏيهي ڪٽنب جي چرپر بابت ڄاڻ هئي ته انهن افغانستان ۾ ئي ريسڪيو آپريشن ڇو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خوشحال بلوچستان پروگرام ئي خوشحال پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته خوشحال بلوچستان پروگرام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے